چين، تاجڪستان ۽ افغانستان واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جا خواهشمند آهيون: وزيراعظم

دوشني ( م ڊ )  تاجڪستان جي دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف چين-تاجڪستان-افغانستان واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو.وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه اجلاس ۾  شرڪت لاءِ تاجڪستان جي راڄڌاني دوشنبي پهتو.صدارتي محل قصر ملت پهچڻ تي صدر امام علي رحمان وزيراعظم جو استقبال ڪيو ۽ کيس تاجڪ جي هٿياربند فوج جي دستن طرفان گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو ويو.وزيراعظم تاجڪ صدر سان قصرملت ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.وزيراعظم تاجڪ صدر کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي ۽ سماجي لاڳاپا وڌائڻ جي دعوت ڏني. ان کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. شهباز شريف چيو ته هو تاجڪستان سان پنهنجا ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪندا، ڪراچي بندرگاهه ذريعي افغانستان ۽ تاجڪستان ۾ سامان پهچايو پيو وڃي، پاڪستان چاهي ٿو ته تاجڪستان ۽ پاڪستان وچ ۾ ريل ۽ روڊ نيٽ ورڪ جوڙيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته چين تاجڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ واپاري راهداري جو حصو بڻجڻ جو خواهشمند آهي.وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ تاجڪستان سرڪاري پاسپورٽ کي ويزا کان ڇوٽ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو آهي، اميد آهي ته ڪاسا 1000 منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿي ويندو، جنهن سان خطي ۾ خوشحالي ايندي، وزيراعظم تاجڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.چيو ته   تاجڪ صدر پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال سان واپار وڌي سگهي ٿو، تاجڪستان جي صدر چيو ته پاڪستان جي بندرگاهن جي استعمال ذريعي واپار وڌائي سگهجي ٿو، ريل ۽ روڊ رابطن ذريعي علائقائي رابطا مضبوط ٿيندا ۽ واپار جي حوالي سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، بعد ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.