ڪراچي ( رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ پائلر طرفان ملڪ جي مزدور ٽريڊ يونين اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جي سرگرم ڪردار ڪرامت علي کي سچو مارڪسي فڪر تي هلندڙ فلسفي قرار ڏيندي سندس جدوجهد ۽ وفات تي تعزيتي پروگرام ۾ سرخ سلام پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي ماهر معاشيات قيصر بنگالي، شيما ڪرماڻي، مظهر عباس، حور پليجو، ڊاڪٽر جعفر احمد، سلام ڌاريجو، محمد احمد شاهه، شاھ محمد شاھ، ناصر منصور ۽ ٻين سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته 18 وين ترميم بعد سنڌ ۾ جمهوري نرسري جي افزائش، عوامي جمهوريت جي قيام لاءِ مزدورن، شاگردن سميت سمورن پورهيتن کي تنظيم سازي جو حق ڏنو وڃي ۽ تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جون چونڊون ڪرايون وڃن فيڪٽرين مان مزدورن جون ڇانٽيون بند ڪيون وڃن، فيڪٽرين مان ٺيڪيداري نظام ۽ ڏهاڙي جي مزدوري جو نظام ختم ڪري مزدور قانون لاڳو ڪيا وڃن، صحافتي ادارن ۽ پريس جي آزاديءَ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن ۽ ڪرامت علي جو مزدور سياست تي ٿيل ڪم جا ڪتاب شايع ڪيا وڃن. اڳواڻن چيو ته ڪرامت علي جي دل ۽ دماغ ۾ انقلاب ۽ سرمائيداري نظام خلاف بغاوت ۽ مزدورن جي جدوجهد ۽ کين مارڪسزم، سوشلزم جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ جو ٻج ان وقت ڦٽي نڪتو هو، جڏهن کيس 14 سالن جي عمر م ملتان جي هڪ فيڪٽري ۾ سڄي ڏينهن جي مزدوري بعد کيس 14 روپيا ڏهاڙي ڏني وئي هئي ۽ هن اهي 14 کين واپس ڪري ڇڏيا هئا. هنن چيو ته ڪرامت علي فوجي آمرن سان به اکيون ملائي ڳالهائيندو ۽ دشمنن سان ڳالهين جا دروازا بند نه رکيا، ڪرامت علي سنڌ جي قومي طبقاتي جدوجهد سان پنهنجون پاڙون ڳنڍيندي رسول بخش پليجو سان گهرا رشتا قائم ڪيا، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون سخت حالتن ۾ ٻانهن ٻيلي رهيو، ڪالا باغ ڊيم خلاف ۽ ٻين جدوجهدن ۾ پليجو صاحب سان هر قسم جو سهڪار ڪندو رهيو ۽ سنڌ جي ٻين قومي تحريڪن جو به ساٿ ڏنو. هنن وڌيڪ چيو ته مزدورن ۽ ٽريڊ يونين اڳواڻن جي سياسي تربيت لاءِ جوڙيل ادارو پائلر ڪرامت علي جي جدوجهد جو وڏو اساسو آهي، جنهن کي زنده رکڻ جي معني ڪرامت علي جي جدوجهد ۽ فڪر کي زنده رکڻ جي برابر آهي. ان تعزيتي ميڙاڪي ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن نور احمد ڪاتيار، نويد ڪلهوڙو، پرهه سومرو، وڪيل خالد تنيو، اقبال ڏيٿو، منظور رضي، لياقت ساهي سميت وڏي تعداد ۾ مزدور اڳواڻن، ڪارڪنن، عورت اڳواڻن، شاگرد اڳواڻن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ شيما ڪرماڻي غالب جي شاعري تي ٽيبلو پيش ڪيو، جڏهن ته نوجوانن انقلابي گيت ڳائي کيس خراج تحسين پيش ڪيو.