12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين: حافظ نعيم الرحمان

لاھور (م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان بجلي بلن ۽ ٽيڪس ۾ اضافي خلاف اسلام آباد ۾ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  منصوره ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو ته حق ڏيو تحريڪ شروع ڪئي آهي، حڪومت کي ظالماڻو ٽيڪس ختم ڪرڻ تي مجبور ڪنداسين. شهري بلن جي ادائگي لاءِ گهر جا زيور ۽ ٻيون قيمتي شيون وڪرو ڪري رهيا آهن، عوام صحت، تعليم ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم ٿي ويو آهي، ملڪ جي هر شهر ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جاري آهي، هن وڌيڪ چيو ته 12 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين ۽ شٽر بند هڙتال جي حوالي سان مشاورت جاري آهي ڪهڙي به وقت اعلان ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي سيڪريٽري جنرل اميرالعطيم، نائب امير ڊاڪٽر اسامه رضي ۽ سيڪريٽري اطلاعات قيصر شريف به موجود هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.