آءِ ايم ايف ملڪي خودمختياري لاءِ خطرو آهي:خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسان کي اڍائي سالن ۾ ڪو خاص موقعو ناهي مليو ته اسان معيشت کي صحيح رستي تي گامزن ڪري سگهون،جنهن جي ڪري اهي مهڻا ٻڌڻا پئجي رهيا آهن ۽ عوام جي کيسن تي بار وڌي رهيو آهي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پيٽرول جا اگهه عالمي طور تي وڌيا آهن، ان ڪري هتي وڌايا آهن، ملڪ ۾ ڪرپشن جام آهي،هن چيو ته ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۾ هزارين اربن جي ڪرپشن آهي،ايوي ايشن وزارت ۾ به سوين ارب رپين جي ڪرپشن آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ غلام سرور قومي ڏوهاري آهي هن جي هڪ بيان جي ڪري اسان جي يورپ ۾ فلائيٽون معطل آهن، هن خلاف ڪيس هلڻ گهرجي، هن چيو ته آءِ ايم ايف جو حڪومت تي ايترو دٻاءُ هو جو حڪومت کي ايڪسپورٽرز تي ٽيڪس وڌائڻو پيو،مان 15،20 ڏينهن کان ان ڳالهه تي احتجاج ڪري رهيو آهيان،هن چيو ته آءِ ايم ايف ملڪي خودمختياري لاءِ خطرو آهي،آءِ ايم ايف ٽين دنيا جي ملڪن ۾ بيٺڪيت جو جديد مثال آهي،آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪاري جو واحد حل اهو آهي ته اسان رپيو نه پر 50 پئسا ئي ايمانداري شروع ڪريون،ڪروڙين دڪاندار ٽيڪس نٿا ڏين،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.