اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) فيڊرل بيورو آف روينيو (ايف بي آر) مالي سال 24-2023ع ۾ هدف کان وڌيڪ روينيو گڏ ڪيو آهي. ايف بي آر موجب مالي سال 2023-24 لاءِ روينيو جو هدف 9 هزار 252 ارب رپيا هو، جڏهن ته ايف بي آر هدف کان 54 ارب رپين کان وڌيڪ 9 هزار 306 ارب رپيا روينيو گڏ ڪيو. ايف بي آر موجب هلندڙ مالي سال ٽيڪس وصولي جو هدف 9 هزار 410 ارب رپيا هو جڏهن ته ايف بي آر ٽيڪس وصولي جو هدف 9 هزار 252 ارب رپيا ڪري ڇڏيو آهي.ايف بي آر موجب گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ روينيو وصولي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.گذريل مالي سال ۾ روينيو جو هدف 7164 ارب رپيا هو پر ايف بي آر هدف کان 2142 ارب رپيا وڌيڪ گڏ ڪيا.ايف بي آر موجب صرف جون 2024ع دوران 1183 ارب رپين جي آمدني ٿي.ايف بي آر چيو ته پاليسي شفٽ مقامي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو، امير طبقي تي سڌو ٽيڪس وڌايو ويو، ۽ واپارين ۽ برآمد ڪندڙن کي ريفنڊ جاري ڪندي رليف فراهم ڪيو.ايف بي آر موجب وزيراعظم جي هدايتن تي مالي سال 24-2023ع ۾ 469 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا، جڏهن ته گذريل مالي سال ۾ 331 ارب رپين جا ريفنڊز جاري ڪيا ويا هئا.ايف بي آر موجب هلندڙ مالي سال دوران سڌي ريت ٽيڪس جو حصو 47 سيڪڙو رهيو، 6 هزار 128 ارب رپيا گهريلو ٽيڪس جي مد ۾ ۽ 3 هزار 178 ارب رپيا امپورٽ ٽيڪس جي مد ۾ گڏ ٿيا. ايف بي آر موجب گهريلو ٽيڪس 37 سيڪڙو ۽ امپورٽ ٽيڪس ۾ 18 سيڪڙو اضافو ٿيو، انڪم ٽيڪس جي مد ۾ 4 هزار 528 ارب رپيا گڏ ٿيا، جڏهن ته سيلز ٽيڪس جي مد ۾ 3 هزار 98 ارب رپيا گڏ ٿيا.ايف بي آر موجب فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 576 ارب رپيا گڏ ٿيا، جڏهن ته 1104 ارب رپيا ڪسٽم ڊيوٽي جي مد ۾ گڏ ٿيا. ايف بي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي روينيو گڏ ڪرڻ جي هدفن سان ڳنڍيل آهي، ايف بي آر مالي سال 25-2024 لاءِ مقرر ڪيل هدفن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.