اسلام آباد (شيراز پراچا): پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ ۽ انتهاپسنديءَ جو خاتمي رڳو ڪنهن فوجي آپريشن سان نه ٿيندو، ان لاءِ هڪ جامع ۽ جٽادار پاليسي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ جمع جي خطبن دوران نوجوانن کي نفرت جو پيغام ڏنو وڃي ٿو. کين ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪو توهين ڪري ته ان جو سر قلم ڪيو وڃي يا کين ماري لاش ساڙيو وڃي. مدرسن ۾ پڙهائجندڙ نصاب کي ڏسڻ گهرجي. مردان ۾ مشال خان ۽ مدين ۾ سياح جي تازي قتل جهڙن واقعن سان ماڻهو پاڻ کي سچو ۽ پڪو مسلمان سمجهڻ لڳڻ ٿا. انهن واقعن سان هو پنهنجي پيغمبر محمد ﷺ سان محبت جو اظهار ڪن ٿا. آپريشن عزم استحڪام رڳو فوجي ڪارروائي نه هجڻ گهرجي، پر ان وسيلي مدرسن، اسڪولن ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ اهڙو نصاب پڙهايو وڃي، جنهن مان تشدد ۽ قتل عام جو درس نه ملي، شاگردن کي صحيح ملڪي، عالمي ۽ اسلامي تاريخ پڙهائي وڃي ۽ نفرت پکيڙڻ واري نصاب تي پابندي لڳائي وڃي. اهو ئي اصل آپريشن هوندو. درسي ڪتاب لکندڙن جي مانيٽرنگ ڪرڻ گهرجي. مسجدن ۽ مدرسن جا پيش امام ۽ استاد به ڪواليفائيڊ عالم فاضل هجڻ کپن. جيڪي امن، ڀائيچاري، رواداريءَ جا درس ڏين معاشري ۾ پکڙيل ڪينسر جو رڳو فوجي ڪارروائي سان علاج نه ٿيندو.