راولپنڊي( م ڊ) بجلي ۽ گيس جي وڏي بلن شيخ رشيد کي به پريشان ڪري ڇڏيو، عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو بجلي جو بل هڪ لک 68 هزار رپيا ۽ گئس جو بل هڪ لک رپين جو اچي ويو. شيخ رشيد بجلي ۽ گيس جي بلن تي به پريشان ٿي ويو ۽ بلن سان گڏ وڊيو به ٺاهي ورتي.هن چيو ته هڪ ڀيرو چلهه ٻري ٿي ، جنهن لاءِ گئس جو بل هڪ لک رپيا ۽ بجليءَ جو بل هڪ لک 68 هزار رپيا آيو آهي. حڪومت تي تنقيد ڪندي شيخ رشيد چيو ته حڪومت کي غريبن جي چلهه بند ٿيڻ جو ڪو به احساس ناهي .