ناصر شاهه جو ڪي اليڪٽرڪ جو دورو، لوڊشيڊنگ گهٽائڻ جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه لوڊ شيڊنگ جي حوالي سان عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ اوچتو رات دير سان ڪي اليڪٽرڪ جي سينٽرل لوڊشيڊنگ سينٽر (ايل ڊي سي) پهتو . ان موقعي تي هن سينٽر جو تفصيلي دورو ڪيو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان تفصيلات معلوم ڪئي. لاڳاپيل آفيسرن ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير کي  سينٽرل لوڊ ڊسپيچ  سينٽر جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ شهرين لاءِ لوڊشيڊنگ ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي ويندي. توانائي واري صوبائي وزي جي هدايت کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ بهتري آئي آهي، پر ٽن کان چئن ڏينهن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي.ان موقعي تي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي دوري جو مقصد شهر جي بجلي جي طلب جي حوالي سان يوٽيلٽي جي انتظامن جو جائزو وٺڻ آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو هدايت ڪئي آهي ته پاڻي ۽ بجلي جي حوالي سان عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏنو وڃي، ان حوالي سان عوام جا مسئلا ۽ پريشانين جو ازالو ڪيو وڃي، انهن جون تڪليفون گهٽائڻ لاءِ ممڪن قدم کنيا وڃن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس جو دورو به چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن ۽ سنڌ حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ جو هڪ حصو آهي.جڏهن ته اسان جي پوري ڪوشش آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪري سگهون. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي عوام جون تڪليفون ۽ مشڪلات جو ڀرپور اندازو آهي. سيد ناصر شاهه چيو ته  ڪي اليڪٽرڪ کي به ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن سنڌ حڪومت عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ  ڪي اليڪٽرڪ سان مڪمل سهڪار ۽ هر ممڪن مدد ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.