اسلام آباد (م ڊ): اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده قيادت جي هوندي پي ٽي آءِ باني جي آزاد ٿيڻ جو ڪو به امڪان ناهي. پنهنجي وڊيو بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته قيادت جي سياسي حڪمت عملي نه هجڻ سبب اسان کي ڪچليو پيو وڃي. هن چيو ته ماڻهو چون ٿا ته خراب وقت ختم ٿي ويو آهي، تنهنڪري اسان ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ اسان لاءِ ڏکيو وقت ختم ناهي ٿيو، ياسمين راشد، اعجاز چوڌري اڃا به جيلن ۾ آهن، اهي اڃا به مشڪل وقت کي منهن ڏئي رهيا آهن. فواد چوڌري چيو ته ڪجهه ماڻهو پشاور کان هلندا آهن ۽ لاهور ۾ جلسو ڪري هليا ويندا آهن.