پشاور(م ڊ) جماعت اسلامي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان چيو آهي ته عزم استحڪام 22 هون فوجي آپريشن ٿيندو جنهن کي مان رد ڪريان ٿو ۽ جڏهن پارليامينٽ موجود آهي ته انهن کي نظرانداز ڪري اپيڪس ڪميٽي کان آپريشن جي منظوري ڇو ورتي وئي؟ جماعت اسلامي جي اڳواڻ سينيٽر مشتاق احمد خان پريس ڪلب پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان جي غزه بچايو تحريڪ 23 نومبر 2023ع کان هلي رهي آهي ۽ غزه ۾ جنگ کي 9 مهينا مڪمل ٿي ويا آهن. هن چيو ته منير اڪرم جو افغانستان بابت بيان مذمت جوڳو آهي، جڏهن ته بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو پاڙيسري ملڪ افغانستان جي اندر آپريشنز بابت بيان مناسب ناهي، تنهن ڪري حڪومت کي ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي. مشتاق احمد خان چيو ته افغانستان جا مسئلا افهام و تفهيم سان حل ٿيڻ گهرجن ڇو ته ڀائر هڪ ٻئي سان وڙهي نٿا سگهن. هن چيو ته حڪومت امن معاهدا به ڪيا پر امن قائم نه ٿيو، معاهدن ۽ آپريشنن کي عوام جي حمايت حاصل نه هئي، ڪنڊيدار تار لڳڻ کانپوءِ دهشتگردي وڌي وئي ڇو ته مسئلو اندر جو آهي. هن چيو ته قبائلي علائقن ۾ اڃا به بارودي سرنگون موجود آهن، خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن جي اجازت نه ڏني ويندي.