ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايندڙ ڇهن مهينن لاءِ ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٽريفڪ پوليس عملي خلاف شڪايت جي صورت ۾ ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف به ڪارروائي ٿيندي، ڪجهه عنصرن جي غيرقانوني ۽ انفرادي عمل سبب پوري پوليس کاتي تي تنقيد ٿئي ٿي.ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ پوليس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن کي خطاب ڪندي چيو ته هو ايندڙ ڇهن مهينن تائين ٽريفڪ سيڪشن آفيسرن ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي مقررين ۽ بدلين تي پابندي لڳائي وڃي. هن چيو ته هو ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي سخت گرمي ۾ عوام جي خدمت ۽ سٺا ڪم ڪرڻ تي سلام پيش ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته ٽريفڪ ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن خلاف شڪايت تي ايس پي ۽ ڊي ايس پي خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز ٽريفڪ جي تجويز تي ايس اوز ۽ رڪارڊ ڪيپرن جي بدلي ۽ مقرري جي اجازت ڏيندو. سندس چوڻ هو ته چالان ڪرڻ جو اختيار صرف ٽريفڪ آفيسر کي هوندو، اوور اسپيڊنگ، ٽريفڪ لائٽ سگنلز ۽ رونگ وي جي ڀڃڪڙين تي چالان ڏيڻ جو اختيار ايس او ٽريفڪ کي هوندو، ڪنهن به ڪانسٽيبل کي چالان ڪرڻ جو اختيار ڪنهن به صورت ۾ نه ڏنو ويندو. آءِ جي سنڌ چيو ته عوام سخت گرميءَ ۾ روڊن تي بيهڻ نٿو چاهي، وڏي ٽريفڪ مهم دوران ايس پي ۽ ڊي ايس پي موقعي تي موجود رهي مهم کي ليڊ ڪن. هن چيو ته پوليس ملازمن جي بهتري لاءِ 10 لک رپين تائين هيلٿ پاليسي متعارف ڪرائي پئي وڃي، ٿاڻن کي سڌي ريت بجيٽ ڏني پئي وڃي جيئن ٿاڻا مالي طور خودمختيار ٿي سگهن. ان موقعي تي ڪراچي پوليس چيف، وقتي ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ايس ايس پي آر آر ايف نيول بيس به خطاب ڪيو.