ڪي پي ۾ سال اندر 124 دهشت گرد گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه ۾ هلندڙ سال ٿيندڙ دهشتگردي جي واقعن ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائين بابت تفصيل سامهون اچي ويا. سي ٽي ڊي جي رپورٽ موجب هلندڙ سال هيل تائين 55 دهشتگرد حملن کي ناڪام  بڻايو ويو، 322 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ 124 کي ماريو ويو. دهشتگردي ٽوڙ کاتي ٻڌايو آهي ته هلندڙ سال دهشتگردن خلاف 1433 انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿيا، ٻن آپگهاتي حملي آورن کي گرفتار ڪري پشاور کي وڏي تباهي کان بچايو ويو. سي ٽي ڊي موجب ڪارروائين ۾ محسن قادر گروپ، بيٽني پڙاڪئي گروپ، ٽيپو گل گروپ ۽ ضرار گروپ کي انجام تي پهچايو ويو، جڏهن ته سنتا گروپ، ٽي ٽي پي گنڊاپور گروپ جي ڪمانڊرن ۽ انهن جي ساٿين کي به ماريو ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بارود جي سمگلنگ ۾ ملوث 14 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو، 18 دهشتگردن جي سرن جي قيمت مقرر ڪئي هئي، جن مان انتهائي گهربل 10 دهشتگردن کي گرفتار، جڏهن ته 8 کي آپريشنز ۾ ماريو ويو. سي ٽي ڊي جي رپورٽ موجب هلندڙ سال 273 دهشتگرد حملا ٿيا، جڏهن ته حملن ۾ 118 پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي ٽارگيٽ ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.