غوثپور ويجهو ڏوهارين پوليس چوڪي تي حملو، ٽرڪ ڊرائيور اغوا

غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي ) غوثپور ناپر ڪوٽ تاڻي جي حد انڊس ھاءِ وي ٽاور   پوليس پڪٽ ڀرسان پوليس  ۽ ٽرڪ مٿان ڏوھارين جو جديد ھٿيارن ۽ راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو پوليس پاران به جوابي فائرنگ ڪري ڏني ڏوھارين پاران  راڪيٽ فائر ڪيا ويا جنھن سبب ٽرڪ ڪلٽي کائي ڪري پئي ۽ ڏوھارين پاران ٽرڪ ڊرائيور اروڙ واسي پپو شيخ کي اغوا ڪري ويا جڏھن ته ڪلينر لکي غلام شاھ واسي پير بخش ڏاھاڻي کي زخمي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا.ناپر ڪوٽ پوليس ۽ رينجرس جا اٽالا  واقعي واري ھنڌ پھچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪري رھيا آھن جڏھن ته شڪارپور پوليس جي ترجمان موجب ته ڏوھاري ڏوھ جي ارادي سان روڊ تي آيا پوليس ۽ ڏوھارين جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو ۽ اغوا جي وارڌات کي ناڪام بڻايو ويو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.