ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سائيٽ ايريا ميٽروول گرلز ڪاليج ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ناري قتل ٿي وئي، جنهن جو لاش رات دير سان ڇيپا جي رضاڪارن عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو، ريسڪيو جي رضاڪارن مطابق مقتولا جي سڃاڻپ 17 سالن جي خديجا جي نالي سان ڪئي وئي آهي ، جنهن کي مٿي تي گوليون لڳيون آهن . جڏهن ته واقعو شادي جي تقريب ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ پيش آيو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي.
-
ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي ڪارروائي، پابندي مڙهيل تنظيم جا 2 سهولتڪار گرفتار
ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) سهراب ڳوٺ سپر مارڪيٽ تي ڪاروائي ڪندي پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جا 2 سهولتڪار گرفتار ڪري ورتا. سي ٽي ڊي ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ حسن گل محسود ۽ بشير احمد شامل آهن، ٻنهي جوابدارن جا نالا سنڌ حڪومت پاران دهشتگردن کي سهولتڪاري جي فورٿ شيڊول ۾ شامل ڪيا ويا آهن. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان دهشتگرديءَ لاءِ فنڊنگ جي وڏي رقم هٿ ڪئي وئي آهي. جوابدار پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان جي امير جي هدايت تي حاصل ڪيل رقم مان 2 جديد خودڪار 9 ايم ايم پستول پڻ خريد ڪيا هئا. ٻنهي جوابدارن جي نشاندهي تي پستول هٿ ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب گرفتار جوابدار گلزار هجري ٿاڻي جي علائقي سپر مارڪيٽ ۾ غير قانوني ٽرڪ اڏا هلائي رهيا هئا، ان اڏي مان حاصل ٿيندڙ منافقي جي روقم ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي دهشتگردن کي مالي مدد لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. جوابدارن خلاف سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي فنڊنگ ۽ هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.