لاهور ۾ گئس بحران، کاڌو تيار ڪرڻ مشڪل بڻجي ويو

لاهور(م ڊ)  لاهور ۾ گئس جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، جنهن سبب عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو. صارفين جو چوڻ آهي ته گئس جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب نيرن ۽ ٻين وقتن جو کاڌو تيار ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. ڳڙهي شاهو، نسبت روڊ، گوالمنڊي، باٽاپور جا علائقا گئس لوڊشيڊنگ سبب متاثر ٿيا،  جڏهن ته فيروزپور روڊ، ڪاهن، سبزه زار، هربنس پوره جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ به گئس نه پئي ملي. ٻئي طرف جوهر ٽائون، اچھرا، سمن آباد، چوبرجي، رائيونڊ، ڪوٽ عبدالمالڪ، شاھدرا، سگيان پل، شاليمار، ٽائون شپ، ڪينٽ، گهوڙا شاھ، گرين ٽائون، ڪوٽ لکپت، ڊفينس، مسلم ٽائون ۽ انجينيئرنگ جي ڀرپاسي جون آباديون. يونيورسٽي به سخت متاثر ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.