پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ جي يو آءِ کي 5 نالا ڏئي ڇڏيا

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جميعت علماءِ اسلام (ف) کي ڳالهين واري ٽيم لاءِ 5 نالا ڏئي ڇڏيا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر، اڳوڻو اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر ۽ پارٽي جو سينيئر اڳواڻ رئوف حسن به ڳالهين واري ٽيم جو حصو هوندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ٽيم ۾ شبلي فراز ۽ عمر ايوب کي به شامل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.