کپرو(رپورٽر) کپرو جي اڳوڻي ناظم جي ڊي اي جو مرڪزي اڳواڻ خدابخش درس ۽ محافظ عبدالخالق درس جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدارن صحبت علي ولد علي نواز مري ‘ گل محمد ولد علي حسن مري کي کاھي پوليس گرفتار ڪري ڇڏيو کاھي پوليس جي سامھون ٻنئي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪري ڇڏيو ٻنئي جوابدارن جي چوڻ موجب اسلم درس ۽ علي نواز مري ۾ پراڻو زميني تقرار ھو جنھن ۾ 2014 ۾ علي نواز عرف آئيو مري جي قتل جو الزام اسلم درس ۽ ان جي ساٿين تي ھو، اھڙي ڪاروائي تي پوليس بروقت مختلف ھنڌن تي ڪاروايون ڪري ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي، ٻنهي جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو اسان پنھـجي والد ۽ چاچا مقتول علي نواز عرف آئيو مري جي خون جو پلاند ڪيو آھي، کپرو جي جي ڊي اي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ناظم خدابخش درس ۽ ان جي محآفظ خالق ڏنو درس جي قتل جو ڪيس کاھي ٿاڻي تي 6 جوابدارن خلاف داخل ڪري ڇڏيو، فريادي خدابخش درس جي ڀاڻيجي رستم درس جي فرياد تي 6 جوابدارن علي حسن مري ‘ ڪنڊو مري ‘ صحبت مري ‘ گل محمد مري ‘ فيض محمد مري ‘ شير محمد مري جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جڏهن ته کاھي پوليس 2 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ا ڪري ڇڏي.