نوابشاهه واسي نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي شڪارپور مان اغوا، هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب

نواب شاھ ( ڊ ر )  نواب شاهھ جي عظيم ڪالوني ڀر سان ڳوٺ فقير محمد لاکو جو رھواسي نوجوان نديم لاکو عورت جي آواز تي ھرکجي شڪارپور پهتو جتان  اغوا ٿي ويو ، پنج ڏينھن اڳ عورت جي آواز تي ھرکجي  شڪارپور پھتل نواب شاھ واسي نديم لاکو جي وارثن کي ڀنگ جي لاءِ ڌاڙيلن جون فون  ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ ڏيو نديم لاکو کي بازياب ڪنداسين، مغوي نوجوان جي ڀا وسيم لاکو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نديم لاکو پنج ڏينھن کان گم ھو ھاڻ اسان کي ڌاڙيلن جو فون آيو آھي ته نديم جي بازيابي جي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ ڏيو ھن چيو ته اسان غريب ماڻهو آھيون ھڪ ڪروڙ رپيا ڪٿان آڻيون وسيم لاکو گهرو وزير ضياءِ الحسن. لنجار آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته منهنجي ڀاءُ نديم لاکو کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ڏنو وڃي .

ھن چيو ته اسان گهر ڀاتي سخت پريشان آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.