محسن نقوي کي سينيٽ جي سيٽ تان نااهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر

لاهور (م ڊ ) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ محسن نقوي کي سينيٽ جي سيٽ تان نااهل قرار ڏيڻ جي درخواست ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. وقتي چيف جسٽس شجاعت علي خان اڄ بطور اعتراضي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. رجسٽرار آفيسر درخواستگذار کي متاثر ڌر نه هجڻ جو اعتراض لڳائي ڇڏيو. درخواست شهري مشڪور حسين نديم سرور ايڊوڪيٽ جي حوالي سان داخل ڪئي.درخواستگذار موجب محسن نقوي پي سي بي چيئرمين جو عهدو رکندي سينيٽر بنجڻ جي اهل نه آهي. سينيٽ جي سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وقت محسن نقوي پي سي بي جو چيئرمين هو. آئين جي آرٽيڪل 63 جي تحت محسن نقوي سينيٽر جي عهدي تي برقرار نٿو رهي سگهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ محسن نقوي کي سينيٽر جي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم ڏئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.