سکر (رپورٽر) شڪارپور کان ڄڃ سان آيل 2 ڄڻا سکر کان شڪارپور ويندي رستي مان اغوا ٿي ويا، نوجوان صدام حسين دايو جي ڀاءُ سجاد حسين دايو سکر پريس ڪلب پهچي ٻڌايو آهي ته گذريل رات اسان ڄڃ سان مڱڻي تقريب ۾ شريڪ لاءِ سکر جي قريشي ڳوٺ واري علائقي شر چوڪ تي آيا هئاسين ۽ مڱڻي جي تقريب بعد صدام حسين ۽ رستم واسي سيد علي ڏنو شاھه جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي شڪارپور روانا ٿي ويا هئا جيڪي گهر واپس ناهن پهتا، هن چيو ته ٻنهي جي ڪافي ڳولا ڪئي سين ۽ شڪارپور ۽ سکر جي مختلف ٿاڻن تان به پڇا ڳاڇا ڪئي سين پر انهن جو ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي ۽ پوليس انهن جي گمشدگي جي ابتدائي رپورٽ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، هن چيو ته اسان کي خددشو آهي ته ٻنهي ڄڻن کي اغوا ڪيو ويو آهي هن ڊي آئي جي سکر ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان اپيل ڪئي ته خدارا اسان جي نوجوانن جي ڳولا ۾ مدد ڪن.