سانگهڙ/کپرو (رپورٽ: محمد حسين بلوچ+اسلم بوزدار) ف ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻو تعلقي ناظم حاجي خدا بخش درس تي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو، نتيجي ۾ پاڻ ۽ سندس گارڊ ٿڏي تي ئي شهيد ٿي ويا، حاجي خدا بخش درس معمول موجب پنهنجي کاڄڻي واري ٻنئي تي فصل ڏسي رهيو ته هٿياربندن مٿان حملو ڪري ڏنو، ڇتي فائرنگ جي نتيجي ۾ حاجي خدابخش درس پنهنجي گارڊ عبدالخالق سميت شھيد ٿي ويو، نامعلوم هٿياربند فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا، واقعي بعد کپرو، ڍليار، هٿونگو ۽ سنواري شهر بند ٿي ويا، علائقي ۾ خوف وهراس وارو ماحول پکيڙجي ويو آهي، مقتولن جا مڙهه کپرو تعلقي اسپتال منتقل ڪيا ويا، درس برادري جا ماڻهو ۽ شهري وڏي انگ ۾ گڏ ٿي ويا، خدابخش درس مشرف دور ۾ 2 ڀيرا تعلقي ناظم بڻيو، 2013ع جي عام چونڊن ۾ خدا بخش درس شازيا عطا مري جي مقابلي ۾ قومي تڪ تي چونڊ به وڙهي هئي ۽ هارائي ويو هو
-
گهرو وزير نوٽيس ورتو،ٻه جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
کپرو(ن ع آ) جي ڊي اي اڳواڻ حاجي خدا بخش درس ۽ سندس گارڊ جي قتل ڪيس ۾ ملوث ٻه جوابدار صحبت مري ۽ گل محمد مري گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، گهرو وزير پاران پريس رليز جاري ڪئي وئي، هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي چيئرمين محمد وسيم قائم خاني ۽ پ پ پ ضلع سانگھڙ جي صدر ۽ ايم پي اي علي حسن ھڱورجو پاران جي ڊي اي اڳواڻ خدابخش درس جي واقعي تي ڏک جو اظھار ڪيو ھنن چيو ته خدابخش درس جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي، خدابخش درس جو قتل سانگھڙ خاص طور تي کپرو جي امن کي خراب ڪرڻ جي سازش آھي، ٻئي طرف واقعي جو سنڌ جي گھرو وزير ضياء لنجار ۽ آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو ايس ايس پي نوشھروفيروز صدام حسين خاصخيلي کي سانگھڙ پھچڻ جو حڪم ڏنو ويو، ٻئي طرف امن امان کي بھتر بنائڻ لاءِ نوابشاھ ۽ ميرپورخاص جي پوليس نفري طلب ڪري ورتي
-
خدابخش درس جي قتل جي هر رخ کان جاچ ڪئي وڃي: جي ڊي اي
ڪراچي (رپورٽر ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي) جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي ،فنڪشنل ليگ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم اڳوڻي تعلقي ناظم جي ڊي اي جي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ھولڊر حاجي خدابخش درس کي گارڊ سميت قتل ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتل دھشتگردن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي،هنن چيو ته قاتلن کي ڪنھن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو، حاجي خدا بخش درس جي قتل جي سياسي ۽ سماجي پهلوئن سان تحقيقات لاءِ اعلي سطحي ڪميٽي جوڙي وڃي،اڳواڻن چيو ت سنڌ حڪومت جي چرچ تي حر جماعت ۽ فنڪشنل ليگ جي اڳواڻن کي نشانو بنايو پيو وڃي،
-
شازيا عطا مري پاران خدابخش درس جي قتل جي مذمت
سانگهڙ (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيا عطا مري چيو آهي ته جي ڊي اي اڳواڻ خدابخش درس جي قتل جي مذمت ڪيان ٿي، قتل ۾ ملوث ڪردارن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، شازيا مري وڌيڪ چيو ته خدابخش درس جو قتل سانگهڙ جي امن کي خراب ڪرڻ جي سازش آهي، آءِ جي سنڌ سانگهڙ ضلعي ۾ امن امان کي يقيني بڻائي، مشڪل جي هن وقت ۾ شهيد خدابخش درس جي خاندان سان غم ۾ برابر جا شريڪ آهيون.