آءِ ايم ايف بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو شرط رکي ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) بجيٽ ۾ ٽيڪس ڇوٽ ۽ رعايتون ختم ڪرڻ جي فيصلي جي تعريف ڪئي آهي.ذريعن موجب آءِ ايم ايف بجيٽ ۾ سخت معاشي فيصلن جي تعريف ڪندي انهي  کي معيشت لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. آءِ ايم ايف 10 جولاءِ کان اڳ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ جو مطالبو پڻ ڪيو آهي.ناڻي واري وزارت جي ذريعن  وڌيڪ ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پهرين جولاءِ کان اڳواٽ قدمن جي تحت قيمتن ۾ واڌ ۽ بجلي مهانگي ڪرڻ جي لاءِ نيپرا جي فيصلي تي فوري طور تي عمل چاهي ٿو. نئين مالي سال ۾ گيس جون قيمتون وڌائي سبسڊي  تي ڪنٽرول ڪيو وڃي ۽ نئين قرض پروگرام جي لاءِ آءِ ايم ايف جي اڳواٽ شرط تي عمل ڪيو وڃي.آءِ ايم ايف وفد جو جولاءِ جي ٻئين هفتي ۾ پاڪستان اچڻ جو امڪان آهي.  آءِ ايم ايف مشڪل معاشي فيصلا معيشت لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي ڇوٽ ۽ رعايتون ختم ڪرڻ جي فيصلي جي به تعريف ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.