جيڪب آباد (رپورٽ: حضور بخش سومرو) ٺل جي ڳڙھي حسن سب ڊويزن جي (آر ڊي 52) ٿاڻي جي حد ڳوٺ پيارو خان کوسو مان 19 ڏينهن اڳ اوطاق تي ستل ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿيل استاد بهرام خان کوسو کي زنجيرن سان جڪڙي تشدد ڪرڻ جو وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ بعد وارثن ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڌاڙيلن مغوي استاد بهرام خان کوسو جي آزادي لاءِ 2 راڊو واچ، هڪ آئي فون ۽ هڪ ڪرڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي، مغوي استاد بهرام خان کوسو پنهنجي وارثن کي وڊيو ذريعي اپيل ڪئي آھي ته منهنجي ٻه سئو ايڪڙ زمين وڪڻي ڪري مونکي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو نه ته ٻي صورت ۾ مون کي ماري ڇڏيندا، مغوي جي وارثن آئي جي سنڌ، ي آئي جي لاڙڪاڻو، ايس اي پي جيڪب آباد ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو آھي ته مغوي استاد بهرام خان کوسو کي جلد آزاد ڪرائي جان بچائي وڌندڙ مايوسي کان بچايو وڃي.