اسلام آباد(م ڊ) هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته اسان سوات جي ماڻهن سان گڏ آهيون، سوشل ميڊيا تي عورت دشمن وڊيوز جي تشهير مذمت جوڳي آهي، نسرين اظهر چيو ته حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته عورتن جي حقن تي مضبوطي سان آواز اٿاري،ناصر زيدي چيو آهي ته اسلام عورتن کي تعليم جو حق ڏئي ٿو، پاڪستان ترقي پسند ملڪ هو، هتي خيالن جي آزادي رهي آهي، عورت صحافين جي به ٽرولنگ ٿي رهي آهي، اسان هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان سان گڏ آهيون، حڪومت خاموش ٿي شين کي نه ڏسي بلڪه پنهنجو ڪردار ادا ڪري،