ڇاڇرو(رپورٽ:يعقوب بجير) ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ ڇاپر دين شاھه ۾ ٻڪريون چاريندڙ ناري 20 سالن جي (و) ڌيءُ نيٻو بجير کي ٽن جوابدارن اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، ناري پنهنجي والدين سان گڏ ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو آهي ته ڳوٺ جي بااثر سليم پٽ طاهر، امام بخش پٽ حاڪم ۽ جادم بجير پاران گهرن ويجهو ذيادتي ڪئي آهي. ناري جو چوڻ هو ته آئوڻ ٻڪريو گهران ڪڍي جهنگ ڏانهن وٺي ويس، وچان ٽنهي ڄڻن پڪڙي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي. ٻئي پاسي ايس ايڇ او کينسر غلام رسول جنجهي جو چوڻ آهي ته متاثر ڇوڪري کي ميڊيڪل لاءِ ليٽر ڏئي چڪاس لاءِ موڪليو ويو آهي.