فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪارروائي جو مون نه چيو هو: جسٽس اطهر

اسلام آباد(م ڊ)جسٽس اطهر من الله اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت ڪيس تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو. ذريعن موجب جسٽس اطهرمن الله خط ۾ چيو ته هن فيصل واوڊا خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو ناهي چيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس اطهرمن الله خط ۾ چيو ته توهين عدالت جي ڪارروائي جي ڪا به شڪايت داخل ناهي ڪئي وئي ۽ نه ئي مون سان ڪا مشاورت ڪئي وئي، توهين عدالت واري معاملي تي منهنجو موقف منهنجي عدالتي فيصلن مان واضح آهي. هن وڌيڪ لکيو ته 2017 کان مان توهين واري مهم کي  منهن ڏئي رهيو آهيان، جسٽس اطهر من الله جي خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي خلاف ڪيتري به توهين آميز ۽ ڪوڙي مهم هلائي وڃي، مان ڪنهن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي حق ۾  ناهيان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.