ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران هيٽ اسٽروڪ سبب وڌيڪ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. سنڌ جي صحت کاتي موجب جناح  اسپتال ۾ 3، عباسي شهيد اسپتال ۾ 5 ۽ سول اسپتال ۾ هڪ مريض فوت ٿيڻ جي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. شهر ۾ پهرين جون کان هينئر تائين هيٽ اسٽروڪ سبب فوتين جو انگ وڌي 27 ٿي ويو آهي.  ڪراچي ۾ سخت گرمي سان گڏوگڏ بجلي جي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ شروع ٿي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.