شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ پاران قاتلن خلاف سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) شهيد نصرالله گڏاڻي جي امڙ قاتلن جي گرفتاري لاءِ 3 جولاءِ تي ڪراچي ۾ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي امڙ مسمات پٺاڻي گڏاڻي هڪ ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جڏهن ميرپورماٿيلو ۾ ڌرڻو هنيو ته پوليس اهو چئي زبردستي ڌرڻو ختم ڪرايو ته هو قاتلن کي گرفتار ڪندا پر هن وقت تائين پوليس پٽ نصرالله جي قاتلن کي گرفتار نه ڪري  سگهي آهي، مائي پٺاڻي چيو ته مون پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو آصفه ۽ بختاور ڀٽو کي اپيل ڪئي ته منهنجي پٽ جي قاتل خالد لنڊ کي پارٽي مان ڪڍو پر هنن کيس پارٽي مان نه ڪڍيو ۽ پ پ وارا خالد لنڊ سان مليل آهن، پٺاڻي گڏاڻي چيو ته اسان 164 ڪئي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن منهنجي پٽ نصرالله کي قتل ڪرايو ان باوجود پوليس هن وقت تائين رڳو خالد لنڊ جي هڪ نوڪر کي گرفتار ڪيو ۽ خالد لنڊ کي محفوظ رستو ڏئي ڪراچي روانو ڪيو ويو پوليس خالد ۽ سندس پٽن کي گرفتار نه ڪيو مائي پٺاڻي گڏاڻي چيو ته پٽ جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ 3جولاءِ تي ڪراچي ۾ پريس ڪلب کان ٿيندا سي ايم هائوس پهچنداسين، جتي پٽ جي قاتلن جي گرفتاري تائين ڌرڻو هڻندا سين ۽ پٽ جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻ کي باھه ڏينديس، امڙ پٺاڻي سنڌ جي صحافين نوجوانن سميت سموري سنڌ واسين کي اپيل ڪئي ته نصرالله جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳندڙ ڌرڻي ۾ منهنجو ساٿ ڏين ۽ 3جولاءِ تي ڪراچي پهچن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.