اسلام آباد (م ڊ) ملڪ جي هڪ مشهور مذهبي عالم جي فوجي اسٽيبلشمنٽ ۽ عمران خان ۾ ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي. ذريعن موجب اها ڪوشش 8 فيبروري جي چونڊن کان اڳ ڪئي وئي پر اها ناڪام رهي. ان مذهبي شخصيت جو نالو ظاهر نه ڪيو ويو آهي. 2022 ۾ حڪومت جي خاتمي کانپوءِ عمران خان پاران فوج جي اعليٰ ڪمانڊرن، موجوده ۽ اڳوڻي آرمي چيف خلاف لڳايل الزامن بعد پي ٽي آءِ باني ساک جي بحران جو شڪار آهي. ڪير ضمانت ڏيندو ته عمران خان ذميواري ڏيکاريندو ۽ فوجي اسٽيبلشمنٽ سميت ماڻهن تي بنا ثبوت جي سنگين الزام نه لڳائيندو. 9 مئي جي حملن ۽ 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ به عمران خان موجوده آرمي چيف تي سڌي تنقيد ڪندو رهيو آهي. تنقيد باوجود هو جنرل عاصم منير ۽ ان جي ماتحت اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهين جي به ڪوشش ڪري رهيو آهي. جڏهن ته پاڪ فوج جي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي واضح ڪيو هو ته فوج پي ٽي آءِ سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪندي.