جماعت اسلامي طرفان نصرالله جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڌرڻي جي حمايت

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ شھيد جي امڙ پٺاڻي جي قيادت ۾ 3 جولاءِ تي  ڪراچي پريس ڪلب  کان سي ايم ھائوس تائين احتجاجي ريلي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي. جماعت اسلامي سنڌ جي ترجمان مجاھد چنا چيو آھي ته حڪومت جي غفلت سبب سنڌ صوبو جان محمد مھر کان وٺي نصرالله گڏاڻي تائين مقتل گاهه بڻجندي پئي وڃي. عملي طور حق ۽ سچ لکندڙ صحافين لاءِ ڌرتي سوڙھي ڪئي وئي آهي. ايترو عرصو گذر باوجود صحافين جي قاتلن جو گرفتار نه ٿيڻ حڪومت جي ناڪامي يا وري قاتلن جي سرپرستي ڪري رھي آھي. شھرين جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آھي. پر سنڌ ۾ جھڙي طرح بدامني لاقانونيت صحافين جو قتل ۽ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آھي ان مان نٿو لڳي ته سنڌ ۾ به حڪومت ۽ قانون نالي جي ڪنھن شيءِ جو وجود باقي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.