دنيا جا مظلوم طبقا ۽ انقلابي ڪميونيسٽ انٽرنيشنل جو قيام

تحرير: عبدالستار

هڪ درجن کان وڌيڪ کاٻي ڌر جي پارٽين جي نئين بين الاقوامي تنظيم جي قيام ڪيترن ئي ملڪن ۾ پورهيت طبقن ۾ اتساھ  جي لهر کي جنم ڏنو آهي.انقلابي ڪميونسٽ انٽرنيشنل (آر سي آءِ) هڪ اهڙي وقت ۾ اڀري آهي جڏهن  اولھھ  جي سرمائيدار دنيا ڏور ساڄي ڌر جي قوتن کي ماڻهن کي قومي، مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي ورهائڻ جي اڀار کي ڏسي رھي آھي.

آر سي آءِ، تازو ئي اٽلي ۾ پنھنجي قيام واري افتتاحي ڪانفرنس منعقد ڪئي، جنهن کي منتظمين هڪ شاندار ڪاميابي طور قرار ڏنو. ان موقعي تي 120 کان وڌيڪ ملڪن ۾ 7,700 ڪميونسٽ  آن لائن تي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا ۽ اٽڪل 500 نمائندن ذاتي طور تي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. هڪ اندازي مطابق 26 ملڪن ۾  ريوليشن انٽرنيشنل انٽرنيشنل جا مڪمل سيڪشن آهن، جن ۾ 12 وڌيڪ ملڪن جا خاصا گروپ آهن. ھن وقت برطانيا سڀ کان وڏو آر سي آءِ جو سيڪشن موجود  آهي، جنهن ۾ 1,200 کان وڌيڪ ميمبر ۽ ان جون 100 شاخون ملڪ ۾ پکڙيل آهن.

ڪانفرنس ۾ انقلابي فلسفي جي ضرورت تي بحث ڪيو ويو. فلسطين ۾ جاري جنگ؛ روسي انقلاب جي تاريخ؛ بالشويڪ پارٽي جي  جوڙجڪ؛ تاريخي ماديت؛ ڪميونسٽ انٽرنيشنل ۽ سامراج جي تاريخ ۽ ٻين اھم موضوعن ۾ کاٻي ڌر جي پارٽين وٽ فنڊن جي کوٽ ۽ مالي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻ بابت بھ بحث ڪيو ويو. ڪانفرنس 488,930 يورو گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، اھا رقم پارٽي مقصد کي اڳتي وڌائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلوڪيو ويو.

آر سي آءِ جي انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ مان حامد علي زاده ڪانفرنس کي خطاب ڪندي  چيو ته ”دنيا ۾ ڪٿي به آر سي آءِ جهڙو ڪو به ادارو ناهي، ڪنهن ٻي تنظيم مارڪسزم جي حقيقي نظرين ۽ انقلابي ڪميونزم جي حقيقي روايتن تي سنجيدگيءَ سان قدم نه کنيو آهي“

حامد علي زاده شايد کاٻي ڌر جي گھڻن ڪارڪنن لاءِ نئون نالو هجي، پر هڪ ٻيو آر سي آءِ ميمبر، ليکڪ ۽ سياسي نظرياتي مفڪر  ايلن ووڊس، کي دنيا جي سوشلسٽ حلقن ۾ خاص شھرت حاصل آهي. ايلن ووڊس کي تڏھن مقبوليت ملي جڏھن ھوءَ وينزويلا جي صدر هوگو شاويز سان مليو ھو ۽ شاويز هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ھو ته هوءَ ايلن ووڊس جو ڪتاب ”ريفارم يا ريووليوشن“ پڙهي رهيو آهي.

هي ڪو پهريون ڀيرو ناهي ته ڪميونسٽن هڪ انٽرنيشنل  تنظيم جوڙي  آهي. بين الاقواميت جو تصور هميشه موجود رهيو آهي. ڪميونزم جي باني ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلز ٻين انقلابين سان گڏجي 1847ع ۾ کاٻي ڌر جي پهرين انٽرنيشنل کاٻي ڌر جي تنظيم ڪميونسٽ ليگ نالي سان ٺاهي ھئي. ڪجهھ سالن کان پوءِ ان کي ختم ڪيو ويو. اهڙي ئي هڪ ٻي پارٽي انٽرنيشنل ورڪنگ مينز ايسوسي ايشن (IWA) جي نالي سان 1864ع ۾ ٺهي ۽ 1976ع تائين هلي. ان کي فرسٽ انٽرنيشنل به چيو وڃي ٿو ۽ ان جو مقصد کاٻي ڌر جي مختلف رجحانن کي متحد ڪرڻ هو. ان جي  عروج وقت انٽرنيشنل ورڪنگ مينز ايسوسيئيشنز جا  اٺ  80 لک ميمبر هئا.

ٻي انٽرنيشنل کي سوشلسٽ انٽرنيشنل به سڏيو  وڃي ٿو،اھا سوشلسٽ ۽ مزدور پارٽين جي تنظيم هئي، جيڪا 1889ع ۾ پئرس ۾ هڪ ئي وقت ٻن گڏجاڻين ۾ ٺهي، جنهن ۾ 20 ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ان تي جرمن سوشل ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جو غلبو هو، جيڪا ان وقت جي سڀ کان وڏي ڪميونسٽ پارٽي هئي. جيتوڻيڪ اھو واعدو ڪيو ويو ھو تھ ڪنهن به اهڙي سرمائيداراڻي تڪرار جي حمايت نه ڪئي ويندي.ان ھوندي اھڙو فيصلو ڪيو ويو جنھن  لينن سميت ڪيترن ئي سوشلسٽ اڳواڻن کي حيران ڪري ڇڏيو. انڪري اھا 1916ع ۾ اھا  ختم ٿي وئي.

ٿرڊ انٽرنيشنل کي ڪميونسٽ انٽرنيشنل يا Comintern به چيو وڃي ٿو،اھا سوويت يونين جي اڳواڻي ۾ 1919ع ۾ ٺهي.جنھن جي ڪوشش ھئي تھ ٻين حصن تائين انقلاب پھچائجي.جنھن جي مدد سان  هنگري ۽ جرمني جو بھ ھٿ ھو، پر بعد ۾، روس جي اڳواڻ ٽراٽسڪي جي حامي نظرياتي تنظيمن ان عمل کي  ڇڏي ڏيڻ جو الزام لڳايو . چين، هندستان، يونان، اسپين ۽ ٻين ملڪن  تي انھن جي تڪراري  روش تي تنقيد ڪئي وئي آهي. ٽين انٽرنيشنل سوويت يونين جي زوال سان ختم ٿي وئي.

ليون ٽراٽسڪي کي سوويت ڪميونسٽ پارٽيءَ مان ڪڍي ڇڏڻ بعد جلاوطن ڪيو ويو. جنھن وري فرانس ۾ 1938ع ۾ چوٿين انٽرنيشنل جو بنياد وڌو، پر اڪثر ڪميونسٽ پارٽيون ماسڪو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وفادار رهيون. ٽراٽسڪيسٽ انٽرنيشنل کي ڪيترن ئي ٽراٽسڪيسٽ گروپن سان ٽڪراءُ کي منھن ڏيڻو پيو،ڪوششن باوجود ان کي دنيا ۾ کاٻي ڌر جي پارٽين کي متحد ڪرڻ ۾ معمولي ڪاميابي ملي.

آر سي آءِ ان وقت ٺھي پئي، جڏهن ساڄي ڌر جي اڀار جو تماشو يورپ کي پريشان ڪري رهيو آهي. الٽرا قومپرست پارٽين کي فرانس، جرمني ۽ برطانيه جهڙن ملڪن ۾ قدم ڄماڻ جو  موقعو آهي. تازو يورپي چونڊون ڏس ڏين ٿيون  ته يورپي هڪ قوت آهن جن سان حساب ٿيڻ گھرجي. اهي هنگري، اٽلي، هالينڊ ۽ ٻين ڪيترن ئي يورپي ملڪن ۾ سياسي منظر تي غالب نظر اچن رھيا آھن. سرمائيدارن پاران صنعتن کي دنيا جي ٻين خطن ڏانهن منتقل ڪرڻ سبب قوم پرستي عروج تي آهي. مثال طور، اهو مڃيو وڃي ٿو ته آمريڪا 1990 جي ڏهاڪي ۾ چين جي WTO ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ 55,000 کان وڌيڪ پيداواري يا صنعتي يونٽ بند ڪيا.سرمائيداري ان طرف هلي رهي آهي جتي اهو وڌيڪ منافعو حاصل ڪري سگهجي ٿو. نفعي جي لالچ صنعتن ۽ خدمتن کي هندستان، چين، ويٽنام، بنگلاديش ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو آهي. يورپي ملڪن پاران فوجي خرچن ۾ تازو اضافو پورهيت طبقي لاءِ ڳڻتي  وڌائي ڇڏي آهي. ڪيترائي يورپي ملڪ هن وقت پنهنجي جي ڊي پي جو ٻه سيڪڙو دفاع تي خرچ ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري انهن رياستن ۾ سماجي ڀلائي جي پروگرامن تي منفي اثر پون پيا.پولينڊ جهڙن ملڪن ۾ صورتحال خراب ٿيڻ جو امڪان آهي، جتي دفاعي خرچن ۾ بي مثال اضافو ڏٺو ويو آهي.

دفاعي بجيٽ ۾ اھا واڌ  اولھه جي ملڪن کي سماجي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. ان کان علاوه يوڪرين جي تڪرار به متاثر ماڻهن لاءِ وڏا مسئلا  پيدا ڪيا آهن. اھڙي تڪرار نه صرف عالمي سپلاءِ  چين سسٽم کي متاثر ڪيو آهي، جنهن جي ڪري ضروري ۽ ٻين شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي،  پر يورپي ملڪن ۾ ٻين ملڪن مان مهاجرن جي آمد جو سبب بھ بڻيو آهي، مقامي مزدور طبقي جي ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا گهٽجي رهيا آهن.

ڏور ساڄي ڌر جون قوتون، اڳ ۾ ئي شامي ۽ ٻين پناهگيرن جي خلاف پنهنجي ڪاوڙ  اظهار ڪري رھيون آھن.جنھن ڪري ھن وقت دنيا ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ  يورپي سياست جي ميدان ۾ مکيھ مسئلو بڻجي پيو آھي.

اھڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، آر سي آءِ لاءِ محنت ڪندڙ طبقن ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ يقينن ڏکيو ڪم آهي. قومپرستي هڪ طاقتور قوت آهي، جنهن هميشه هن اتحاد لاءِ خطرو پئدا ڪيو آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن ترقي پسند قومپرستي ۽ شاونزم جي وچ ۾ لڪيرون مٽجي ويون آهن.

عالمي سطح تي پورهيت طبقي  ۾ اتحاد جي خواهش رکندڙ ڪنهن به تنظيم لاءِ يورپي ۽ غير يورپي پورهيت طبقن جي وچ ۾ اختلاف ئي هڪ وڏو چئلينج نه آهي، پر ترقي پذير دنيا ۾ به سماج جي مختلف طبقن جي وچ ۾ اهڙو ٽڪراءُ پکڙجي چڪو آهي. پاڪستان، ايران، افغانستان، ترڪي، عراق، ھندستان، اسپين، شام ۽ ٻين ملڪن جھڙوڪ غير ملڪي اقليتن کي ھڪ غالب قوم پاران ظلم جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جڏھن ته آفريقي ملڪ قبيلائي ۽ مذھبي جنگين ۾ ڦاٿل آھن. سوڊان کان صوماليا تائين ۽ نائيجيريا کان ڪينيا تائين، تڪرار نفرت جا ٻج  پوکجي رهيا آهن ۽ زندگيون تباهه ڪري رهيا آهن جن کي ختم ٿيڻ ۾ صديون لڳي سگهن ٿيون. لاطيني آمريڪي ملڪن ۾، منشيات سان لاڳاپيل تڪرار انهن سماجن جي ٽاڃي پيٽي  کي ناس ڪري رهيا آهن.

پارلياماني سياست ۾ سرگرم حصو وٺڻ کان سواءِ انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ ڏکيو ڪم هوندو. دنيا ۾ اڪثر سوشلسٽ پارٽيون مين ڌارا واري سياست جي دائري ۾ آهن. اهو ڏسڻو آهي ته آر سي آءِ عملي طور ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري ٿي ته جيئن مختلف ملڪن جي سياسي منظر تي سگھاري قوت بڻجي سگهي.

سڄي دنيا ۾ سياسي آزادين کي گهٽائڻ سان، ترقي يافته جمهوريتن ۾، نيو انٽرنيشنل کي ماڻهن کي متحرڪ ڪرڻ ڏکيو ٿيندو. سڄي دنيا ۾ عوام جي وڏي اڪثريت سياستدانن جي واعدن ۽ اڳواڻن جي بيان بازي کان بيزار آهي. هن اداس سياسي ماحول ۾ اتي هڪ نئين قوت جي گنجائش ھر دور ۾ رھي ٿي.بھرحال اھو وقت ئي ٻڌائيندو ته ان کي پورهيت طبقي جي فائدي لاءِ ڪيترو ڪتب آڻي سگهجي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.