ڪراچيءَ ۾ بجلي جو ادارو

تحرير: عاجز جمالي

انگريز سرڪار سنڌ کي گھڻا ئي ادارا ڏنا، ڪراچيءَ  جي شھرين کي بجلي ڏيندڙ ادارو به انگريز سرڪار جي مھربانين سان ڪراچي ۾ قائم ٿيو. ھي ادارو 1913 ۾ ڪراچي اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ  جي نالي سان ٺھيو، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ  وفاقي سرڪار جي نگرانيءَ  ۾ ھليو ويو، ون يونٽ ٽٽڻ بعد جڏھن سنڌ جي پراڻي حيثيت بحال ٿي ته ڪجھه  سالن کانپوءِ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني ( ڪي ايس ايس سي ) سنڌ سرڪار جي ماتحت ٿي وئي.

جڏھن مان نوي جي ڏھاڪي ۾ رپورٽنگ شروع ڪئي ته به ڪي اي ايس سي جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سرڪار مقرر ڪندي ھئي ، چيف سيڪريٽري اداري جو سربراھ ھوندو ھئو. 1996 ۾ ڪي اي ايس سي جي ايم ڊي شاھد حامد کي دھشت گردن نشانو بڻايو ھئو ، جنھن ڏينھن شاھد حامد کي قتل ڪيو ويو ھئو ان ڏينھن اردو اخبار جي ليڊ جي خبر شاھد حامد جي خلاف لڳل ھئي، شاھد حامد جي گھر واري شھناز حامد پڻ سنڌ سرڪار جي آفيسر ھئي ، جنھن پھرين ڏينھن شھر جي لساني تنظيم تي شاھد حامد جي قتل جو الزام ھنيو ھئو، شاھد حامد جي ٽيجھي واري ڏينھن مان ۽ صحافي دوست منظور شيخ، الاھي بخش سومري سان گڏجي تعزيت جي بھاني سندس گھر ۾ داخل ٿياسين ،ڇو ته بيگم شاھد حامد پنھنجي گھر ۾ صحافين جي گھڙڻ تي پابندي ھڻي ڇڏي ھئي ، الاھي بخش سومرو ته تعزيت ڪري ھليو ويو جڏھن اسان ٻنھي بيگم شاھد حامد سان تعارف ڪرايو ته ھوءَ اسان تي تپي وئي، چوڻ لڳي توھان منھنجي گھر ۾ داخل ڪيئن ٿيا، خير اسان کيس يقين ڏياريو ته سڀ صحافي شاھد حامد صاحب جا مخالف ناھن. مون کيس چيو ته اسان پنھنجي اخبار ۾ شايع ڪيو آھي ته لساني تنظيم تي اوھان الزام ھنيو. خير اسان کائنس ڪجھه  سوال پڇيا، خبر پئي ته لساني تنظيم جي حامي ڪي اي ايس سي جي ليبر تنظيم ايم ڊي شاھد حامد خلاف مھم ھلائي رھي ھئي، ايم ڊي شاھد حامد جي قتل ۾ بعد ۾ صولت مرزا نالي لساني تنظيم جو اھم ڪارندو گرفتار ٿيو ھئو جنھن کي بعد ۾ ڦاسي اچي وئي ھئي.

خير اچون ٿا اصل موضوع تي، جڏھن 1999 ۾ نواز شريف جي سرڪار ختم ٿي ۽ جنرل پرويز مشرف جي آمريت قائم ٿي ته سن 2000ع ۾ واپڊا جو ڪنٽرول فوج حوالي ڪيو ويو، جنرل ذوالفقار کي واپڊا جو سربراھ بڻايو ويو، ڪجھه  ئي عرصي ۾ ڪي ايس ايس سي کي به واپڊا جي ماتحت ڪيو ويو، واپڊا جو چيئرمين ئي ساڳئي وقت ڪي ايس ايس سي جو به چيئرمين ھئو، مان ان پريس ڪانفرنس ۾ موجود ھوس جڏھن چيئرمين واپڊا ان جو اعلان ڪيو ھئو ، اھڙي ريت  ڪراچي شھر جي بجلي جو ادارو سنڌ سرڪار کان کسجي وفاقي سرڪار حوالي ٿي ويو، پھرين  ھن کي ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن ۾ تبديل ڪيو ويو اڳتي ھلي 2005 ۾ وفاقي سرڪار نجڪاري ذريعي ڪي اي ايس سي کي نيلام ڪيو. 474 ارب روپين  پرڏيھي ابراج گروپ کي وڪرو ڪيو ويو. مون کي تڏھوڪي سنڌ اسيمبليءَ  جي مخالف ڌر جي اڳواڻ نثار احمد کھڙي، جي پريس ڪانفرنس به ياد آھي جنھن ۾ ھن چيو ته جيتري رقم ۾ ڪي اي ايس سي جو وڪرو ڪيو پيو وڃي ان کان وڌيڪ رقم جا ته ان جا اثاثا آھن. اثاثن ۾ زمينون، پلاٽ، ورڪشاپ ۽ ٻيو سامان شامل ھئو. خير مٿان کان جرنيل صاحب جو حڪم ھئو ، ڪي اي ايس سي نيلام ٿي وئي، ياد ڏياريندو ھلان ته ان زماني ۾ ڪراچيءَ  جي دعويدار ايم ڪيو ايم وفاقي ۽ صوبائي حڪومت ۾ شامل ھئي ، مذھبي جماعتن جي اتحاد ايم ايم اي ۾ شامل جماعت اسلامي به تڏھن ماٺ  ھئي ، ڪي اي ايس سي جو وڪرو ٿي ويو.

اڳتي ھلي 2014 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري ڪي اليڪٽرڪ ڪيو ويو، گورنر ھائوس ۾ اھا تقريب به ايم ڪيو ايم جي حامي گورنر عشرت العباد جي صدارت ھيٺ ٿي ھئي. ڪي اليڪٽرڪ ھاڻي ھر سال کربين روپيا ڪراچي جي شھرين کان لٽي رھي آھي، ڇوته ڪراچي شھر جي آبادي ٽي ڪروڙ آھي ، پنجاھ لک  ماڻھو بجلي استعمال ڪن ٿا  بل ڏين ٿا ، جي ھر بل تي سئو ٻه سئو روپيا به مٿي ورتا وڃن ھر مھيني ھڪ ارب روپين جي لٽ مار آھي پر حقيقت ۾ اھا لٽ مار ھر مھيني اربين روپين جي آھي، ھر سال کربين روپين جي آھي ، مزيدار ڳالهھ اھا آھي ڪي اليڪٽرڪ جا مالڪ ايترا سگھارا آھن جو تازو ئي سندن لائسنس ٻيھر نئون ڪيو ويو آھي ، ارڙھين ترميم بعد سنڌ سرڪار کي قانوني اختيار ڪيترا به ھجن پر سنڌ سرڪار بيوس آھي. ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي وارن لاءِ  ايسٽ انڊيا ڪمپني بڻجي چڪي آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.