برساتن جي پاڻي جي نيڪال جو هاڻي کان ئي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪريو

جيتوڻيڪ چؤماسي جي يعني سانوڻ جي برساتن جي موسم هر سال ايندي آهي پر افسوس ته هر سال ئي اسان کي حڪومتن کي اهو ياد ڏيارڻو پوندو آهي ته اڳواٽ ئي وڏن توڙي ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن مان برساتي پاڻي جي نيڪال جو انتظام ڪريو ۽ هر سال اها نشاندهي ڪرڻ ۽ تاڪيد جي باوجود بروقت اهڙو انتظام ناهي ڪيو ويندو ۽ پوءِ جڏهن برسات پوڻ شروع ٿيندي آهي ۽ برساتي پاڻي وڏين شاهراهن، روڊن رستن تي بيهي ويندو آهي، ان کي نيڪال جو رستو ناهي ملندو ۽ پوءِ ايمرجنسي طور ميونسپل انتظاميا تحرڪ ۾ ايندي آهي.

انهيءَ ايمرجنسي يا هنگامي حالتن کان بچڻ لاءِ ئي اسان هر سال ايئن ايڊيٽوريل لکي حڪومت کي ياد ڏياريندا آهيون ته ٻيلي رحمت جي برسات کي پنهنجي بدانتظامي ۽ نااهلي سان زحمت نه بڻائجو پر مجال آهي جو انتظاميا اڳواٽ بندوبست ڪري سگهي. هاڻي به اسان حڪومت کي اڳواٽ ياد ڪرائڻ پنهنجو فرض سمجهون ٿا ته اها چؤماسي جي موسم کي ڏسندي برساتي پاڻي جي نيڪال جو اڳواٽ بندوبست ڪري ته جيئن عوام کي تڪيلف نه رسي سگهي. سو حڪومت کي گهرجي ته هاڻي ئي وڏن نالن کي صاف ڪرائي يا بند ٿيل وڏن نالن ۽ نالين جي کوٽائي ڪرائڻ جو انتظام ڪرائڻ لاءِ هاڻي کان ئي ايمرجنسي لاڳو ڪري هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرائي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت کي چؤماسي جي موسم ۾ پوندڙ برسات جي حوالي سان اڳواٽ بندوبست ڪرڻ جا فنڊ به آهن ته وسيلا به آهن رڳو اوڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسان کي اها ڳالهه ڪنهن ريت به سمجهه ۾ ناهي ايندي ته جيڪڏهن اسان کي امڪاني برساتن ۾ شاهراهن، روڊن رستن تي پاڻي بيهڻ ۽ ان سان عوام کي تڪليف رسڻ جو انديشو ۽ اونو آهي ته پوءِ حڪومت کي اهڙو اونو ڇو ناهي ۽ ان هيل تائين ان معاملي ۾ اڳواٽ ڪم ڇو شروع ناهي ڪيو. ڇا اهو ضروري آهي ته جڏهن شديد برسات پوي ۽ ان شڊيد برساٿ وگهي ٽريفڪ پاڻي ۾ ڦاسي پوي، ڪو جاني نقصان ٿئي تڏهن حڪومت اکيون پٽيندي. اڳواٽ بندوبست ڪرڻ جي پاليسي اختيار نه ڪندي؟.

اسان ان کي حد درجي جي غير ذميواري سمجهون ٿا. اسان جو خيال آهي ته حڪومت کي فوري طور تي چؤماسي جي برساتن جي امڪان کي ڏسندي اڄ کان برساتي پاڻي جي نيڪالي تي ڪم ڪرائڻ گهرجي وڏن ۽ ننڍن شهرن توڙي ڳوٺن ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم ڪرائڻ گهرجي. وڏن ننڍن نالن، نالين ۽ گٽرن کي کولائڻ جو انتظام ڪرڻ گهرجي، کليل گٽرن کي هنگامي بنيادن تي ڍڪ ڏيڻ گهرجن ته جيئن بيٺل برساتي پاڻي سبب نه نظر ايندڙ گٽرن ۾ ڪير ڪري نه پوي ۽ ڪو جاني نقصان نه ٿئي. بيٺل پاڻي ۾ هوائن تي بجلي جون تارون به ڪري پونديون آهن ۽ ايئن پاڻي ۾ بجلي جي تارن جو ڪرنٽ اچي ويندو آهي جيڪو پڻ جاني نقصان جو سبب بڻبو آهي سو ان ڪري ڪوشش ڪجي ته اهڙو سٺو انتظام ڪجي جو برساتي پاڻي کي شاهراهن، روڊن رستن تي بيهڻ جو موقعو ئي نه ملي ۽ برسات پاڻي بنا ڪنهن رنڊڪ جي وهي وڃي ۽ ڪنهن کي تڪليف به نه رسي

اميد ته هيل ان معاملي ۾ درست رخ ۾ ڪم ٿيندو ۽ اڳواٽ ئي بهتر انتظامن جي روايت پيدا ٿيندي. اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته جڏهن کان سيد مراد علي شاهه سنڌ جو وڏو وزير بڻيو آهي ته هن ڪراچي اندر برساتي  پاڻي جي نيڪال جو ڪافي بهتر انتظام ڪيو هو، شاهراهه فيصل جتي هميشه برساتي پاڻي بيهڻ جون شڪايتون هونديون هيون جو برساتي پاڻي ۾ سڄو ٽريفڪ جو ڪاروهنوار بيهي ويندو هو خاص ڪري 2010ع جي برسات ۾ ته شاهراهه فيصل مڪمل طور تي برساتي پاڻي وگهي بلاڪ ٿي ويو هو. شاهراهه فيصل جهڙي شاهراهه جتي ايئرپورٽ جو رستو هوندو آهي سو مڪمل طور تي بلاڪ ٿي ويو هو. تنهن شاهراهه فيصل تي وڏي وزير مراد علي شاهه جي دور ۾ ڪجهه ڪم ٿيو هو پر هاڻي به شاهراهه فيصل جا ڪجهه ايرياز اهڙا آهن جتي مٿانهن علائقن جو پاڻي وهي اچي بيهي رهندو آهي.

وري جڏهن کان شهرن ۾ فلاءِ اوور ٺهيا آهن ته انهن تان تيزي سان وهي ايندڙ پاڻي به تلاءُ بڻجي بيهي بيهي ويندو آهي. سو هن چؤماسي جي برساتي موسم ۾ ايڏانهن به خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

سو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شاهراهه فيصل سميت ڪراچي شهرن جي شاهراهن، روڊن رستن ۽ بند ٿيل نالن، نالين جو جائزو ورتو وڃي ۽ برساتي پاڻي جي نيڪال جو برجستو انتظام ڪيو وڃي. حوالي طور مثال ته رڳو ڪراچي جي شاهراهه فيصل جو ڏنو اٿئون پر اهڙي صورتحال سڄي سنڌ جي شاهراهن ۽ روڊن رستن جي آهي. تنهن ڪري هر ضلعي جي ميونسپل انتظاميا کي هاءِ الرٽ ڪرڻ جي ضروت آهي جيئن اها ضلعي انتظاميا هنگامي بنيادن تي برساتي پاڻي جي نيڪال جو ڪم ڪري سگهي.

حڪومتن کي اهو به ڏسڻ گهرجي ته برساتون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ معمول موجب وسنديون رهنديون آهن پر اتي شاهراهن ۽ روڊن رستن تي ايئن پاڻي بيهي ناهي رهندو. برسات جيئن ئي ختم ٿيندي آهي ته پاڻي به شاهراهن روڊن رستن تان ايئن غائب ٿي ويندو آهي ڄڻ مينهن وسيو ئي نه هو پر اسان وٽ هفتن جا هفتا برسات جو پاڻي روڊن رستن تي بيٺل نظر ايندو آهي. ايئن برساتن ۾ ڪوشش ڪجي ته بجلي به متاثر نه ٿئي. هتي اڃان جهڙ ٿيندو، برسات پوڻ شروع ٿيندي ته لائيٽ به هلي ويندي آهي تنهن ڪري بجلي جي انتظاميا کي به برساتن ۾ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهو ڪم گڊگورننس جو بنيادي حصو آهي جنهن ڏانهن اسان هر سال وانگر هاڻي به نشاندهي ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.