ناظم جوکيو کان نصرالله گڏاڻي تائين تحريڪون اڀاريندڙ ڪردار

تحرير: نثار لغاري

سنڌ ۾  ڀلي مايوسين جا دور هجن يا غلامي  جي موجوده شڪل  هجي پر ڪي سرفروش  هوندا آهن جيڪي پنهنجي دليري ۾ سماج کان ڪافي اڳتي نڪتل هوندا آهن  موجودا دور ۾  ناظم جوکيو کان نصرالله گڏاڻي شهيد  تائين ڪيترائي ڪردار اسان کي نظر ايندا جيڪي تمام گهڻي  اتساھ جو سبب آهن ائين کڻي چئجي ته  هنن جي جرعت  سموري سنڌ کي  اتساهه ڏنو  آهي  هنن جي شهادت تحريڪن کي جنم ڏنو  آهي

سنڌ م  صدين کان هڪ ڏينهن لاءِ   به مزاحمت  ختم ياماٺي نه ٿي آهي جڏهن تحريڪون ڪمزور ٿيون آهن ته اهڙا فرد پيدا ٿيا جن  وري اتساهه پيدا ڪري تحريڪن کي جياري وڌو  نصرالله گڏاڻي  ناظم جوکيو اهڙا ڪردار آهن جن نئين اتساھ ۽ نئين تحريڪ کي جنم ڏنو  آهي

سنڌ  هن وقت بدترين  سرداري جاگيرداري وڏيرڪي  نظام جي نئين شڪل  ۾ نه فقط ٻاهرين  غلامي پر اندروني طرح  به سخت غلامي جو شڪار آهي  اظهار راءِ  تي  به ايتري پابندي آهي  جو ڪو سچ  ڳالهائيندڙ  فرد يا صحافي  محفوظ  نه آهي   هن ٿورڙي  وقت ۾  ڪافي صحافي قتل ڪيا ويا آهن  جن ۾ تازو سکر ۾ جان محمد مهر کان پوءِ   نصرالله گڏاڻي  کي شهيد ڪيو ويو آهي  هنن جو قتل بنيادي طرح سنڌ ۾  خوف پيدا ڪرڻ لاءِ   ڪيو ويو آهي  پر هاڻ  هو خوف کي ٽوڙي  زبردست  دليري سان گڏ  اتساھ جو  سبب بڻجي  پيا آهن هن وقت  نصرالله گڏاڻي  جو نعرو ڀوتار سردار ماءِ  فٽ  هڪ عام نعرو  بڻجي سنڌ  جي ديوارن تي لکجي رهيو آهي

هنن جي شهادت  رياست ان تي موجود حاڪم  طبقن سياسي پارٽين کي  مڪمل طرح ننگو ڪري ڇڏيو  آهي  هنن جي بظاهر نام نهاد جمهوريت جي  نالي ۾  لفاظي  جو نقاب  لاهي سندن اصلي چهري کي ٻين بينقاب ڪيو آهي  هنن جي سماج ۾ پيدا ڪيل خوف  جي بت  کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي   اها بنيادن  طرح تمام وڏي  ڳالھه آھي

هن وقت جڏهن  مجموعي طرح انفراديت پسندي مفاد پرستي ابن الوقتي  عام رويا هجن اجتماعي عوامي قومي مفاد ۽  مقصد بظاهر ڪا معني نه رکندا هجن اتي  ڪي فرد اچي  پنهنجي زندگي جي ارپنا ڏين  اها ڪا معمولي ڳالھه  نه آهي  جيڪي ماڻهو اهو سمجهڻ ٿا ته ناظم جوکيو  کان ويندي نصرالله گڏاڻي  جو چوڻ ناحق  ڪي نتيجا نه ڏيندو  آهي چوڻ به هردوئي جيان قاتل ڦٻي  ويندو ته اهو تاريخ جي انصاف کان اڻواقف آهي  سندس نگاهه محدود آهي    اهو ئي سبب آهي  جو رياست جيڪا مڪمل طرح سرداري نظام جو دفاع ڪندڙ آهي پر مجبورن کيس  انهن سردارن خلاف تحرڪ ۾ اچڻو  پئجي رهيو آهي جيڪا انهن کي بچائيندڙ آهي  هنن شهادتن تي سموري سنڌ جي  مسلسل ڊگهي  تاريخي احتجاج  جنم ورتو آهي جيڪو بنا ڪنهن وڏي قيادت  جي مسلسل هلي رهيو آهي ۽  بظاهر  جمود جو شڪار ڪيل سماج ۾ ڪاوڙ ڪروڌ  مزاحمت  جون لهرون پيدا ڪري رهيو آهي بظاهر هن تحرڪ  کي ڪا چين آف ڪمانڊ  ناهي قيادت ناهي پر  اندروني طرح  ان جي قيادت سنڌ  جو اڀريل نئون شعور  نئون نوجوان  ڪري رهيو آهي  هڪ منظم رياستي سرداري ڀوتاڙي سرشتي  سان  اهڙي  مسلسل ويڙهه  سنڌ  جو اڀري آيل اهو نئون شعور  ڪري رهيو آهي سنڌ  ۾  هن وقت جيترو مزاحمتي  فڪري شعور  ۽  ان جي نتيجي ۾ عملي تحرڪ جنهن تيزي سان جاري آهي  اهو نه فقط غيرمعمولي  پر تمام گهڻي  اتساھ  جو سبب بڻجي  رهيو آهي

سنڌ  ۾ ڪيترائي سرڪاري پيڊ  دانشور  ليکڪ بظاهر نام نهاد لکيا پڙهيا  ڪيترن ئي طريقن سان اهو  لکي رهيا آهن ته ڪجهه ڪون ٿيندو ناظم جوکيو  جيان هي چوڻ به سردار ڦٻي  ويندا ڪجهه نه ٿيندو پر سندن اهي گمراهه ڪندڙ  خبرون ڪو اثر نه  پيون ڪن ويتر  مزاحمتي بيانيي  کي وڌيڪ  سگهه ملي رهي آهي .سنڌ  ۾  هن وقت  خاص طرح  سرنهن سالن کان پيپلزپارٽي جي  بدترين حڪمراني  آهي بدترين لفظ به هنن جي ڪردار اڳيان ننڍو آهي  فرعونيت  قائم آهي  هر فرد جيڪو باهمت هو خريد ڪيو ويو آهي خوف  وسيلي خاموش  ڪرايو ويو آهي   ان باوجود مزاحمت  جاري آهي

هن وقت حقيقت اها آهي  ته  سموري سنڌ  ۾  حڪمران طبقن  توڙي  حڪمران جماعت  خلاف سخت ڪاوڙ  ۽  نفرت آهي  پر هنن جو ملڪ جي طاقتور ادارن قوتن سان ڳٺ جوڙ  آهي انهن سڀني گڏجي  سنڌ جي سموري سماج کي جمود طرف ڌڪي ڇڏيو آهي   اسان وٽ  ساڍا سطحي  تجزيي نگار ڪارڪن  اجائي مايوسي  ڦهلائڻ  ۾  مصروف آهن  انهي جي ڪا ضرورت ناهي . ها اها يقيني ڌيان طلب ڳالهه آهي ته هن وقت  هڪ سگهاري عوامي جمهوري مزاحمتي جماعت جي ضرورت  آهي جنهن جي جنم  ٿيڻ  جو عمل جاري آهي سماج ۾ جڏهن  حالتون انهي ڏاڪي تي  پهتيون ان وقت ان جي اظهار جهڻ جو عمل به شروع ٿي ويندو

هن وقت  جيڪا شديد مايوسي آهي  اها انهيءَ ڳالهه جو اظهار به آهي ته هاڻ  ڪجهه نئون ٿيڻ  گهرجي  اسان جو سماج جيڪڏهن مڪمل جامد هجي ها ته نصرالله گڏاڻي  جهڙا  ڪردار به جنم نه وٺي  سگهن ها

هن وقت به سوين قومپرست ڪارڪن ڪوڙن ڪيسن جي  عتاب ۾ آهن گم ڪيا ويندا آهن  هتي ڪي به جمهوري حق  ناهن پوءِ  به  شاگرد  قومي ڪارڪن کاٻي ڌر سان  سلهاڙيل ڌريون مارڪسسٽ  پنهنجي وٽ ۽  وس آهر جدوجهد ڪن پيا  اسان جي سماج ۾ شديد  جبر ان جو اظهار آهي ته انقلابي فڪر انقلابي تحريڪون  موجود آهن اهي پاڻ کي سگهارو ڪري رهيون آهن  نصرالله گڏاڻي  جهڙا  ڪردار جيڪڏهن انفرادي مزاحمتون ڪندي ماريا ويندا آهن ته اها به انهن انقلابي تنظيمن جي  ڪارڪنن  اڳواڻن جي  ڪوتاهي آهي ته اهي هن سماج ۾ انفرادي ڪاوڙ  کي اجتماعي ڪرڻ جي سگهه نٿيون رکن

موجوده دور عالمي طرح به  نهايت اهم آهي نيون عوامي قوتون  تعمير ٿيڻ جي  مرحلن مان گذري رهيون آهن  انهن جي اڳيان نوان چئلينج  آهن  خاص طرح  انفراديت  پسندي لالچ حرس  حوس  لوڀ  موجودا دور جا وڏا  معاملا آهن عوامي انقلابي  نظريو عوامي  انقلابي  ارادو  فرد کي سگهارو ڪندو آهي ان جي دليري  کي وڏي عظيم مقصد  لاءِ   تيار ڪندو آهي جن جي هن وقت  کوٽ آهي  پر تاريخ عظيم مقصد ضرورت  اهڙا  موقعا فراهم ڪندي آهي  جيڪي هن وقت  تيار ٿي رهيا آهن.

نصرالله گڏاڻي  هجي ناظم جوکيو کان  ٻين انيڪ ڪردارن جي قرباني ڪڏهن به رائيگان  نه ويندي نه ايئن ٿي رهيو آهي  آهستي  آهستي  لهرون لهرون ٿي سنڌ  جي عوامي جمهوري قومي طبقاتي تحريڪ پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي. هڪ عظيم عوامي ارادو جڏهن  ڪنهن تنظيم يا تنظيمن  جوڙي ورتو ان کي عوام اندر درست  طريقي  لاهڻ جو  فن سکي ورتو ان وقت سڀ ڪجهه بدلجڻ شروع ٿي ويندو ڀوتارڪو  سرداري نظام جيڪو ڪن ٻين قوتن  جي سهاري تي بيٺل آهي  اهو ڊهي  پوندو، هن وقت عالمي طاقتن توڙي هتان جي مقامي عسڪري طاقتن جا قدم لڏن  پيا اُهي پاڻ ۾ هڪ  نه آهن.  انهن کي به سنڌ جي  جاگيردار ڀوتار جو سهارو حاصل  ڪرڻو پيو پوي ته انهيءَ مان سندس ڪمزوري جي پرک پوي ٿي شهيدن جون قربانيون هنن جي سموري ٽڪساٺ کي ختم ڪري ڊاهي  پٽ ڪنديون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.