مخالف ڌر ۽ اتحادين جي اعتراضن باوجود ڳرن ٽئڪسن سان ڀرپور وفاقي بجيٽ منظور

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي نئين قرض پروگرام تي عالمي مالياتي فنڊ سان وڌيڪ ڳالهين کان اڳ ايندڙ مالي سال لاءِ ڳرن ٽيڪسن سان ڀرپور بجيٽ منظور ڪري ورتي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب قومي اسيمبلي ۾ فنانس بل پيش ڪيو جنهن جي منظوري وزيراعظم شهباز شريف ڏني هئي. مخالف ڌر بجيٽ کي رد ڪري وڌيڪ مهانگائي جو سبب قرار ڏنو هو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بل جي منظوري جو اعلان ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال مستحڪم آهي جنهن کي برقرار رکنداسين، ايف بي آر ۾ چوري ۽ بدعنواني روڪڻ لاءِ ڊجيٽلائزيشن ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ٽن سالن ۾ 13 سيڪڙو تائين کڻي وينداسين، نان فائلرز جي ڪيٽيگري ناهي هوندي، هر هڪ کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال مستحڪم آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو گهٽجي رهيو آهي، مالياتي خسارو ضابطي آهي، ڪرنسي گذريل 6 کان 7 مهينن ۾ مستحڪم آهي، فارن ايڪسچينج ريزوز 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهن جيڪي ٻن مهينن جي امپورٽ بل کي ڪور ڪري رهيا آهن. اسان ملڪ ۾ معاشي استحڪام حاصل ڪري ورتو آهي جنهن کي برقرار رکنداسين.  ايوان ۾ فنانس بل 25-2024ع جي منظوري کانپوءِ ضمني مطالبن جي منظوري ڏني وئي، قومي اسيمبلي هلندڙ مالي سال لاءِ 477 ارب 4 ڪروڙ 43 لک رپين کان وڌيڪ جا 25 مطالبا منظور ڪري ورتا. قومي اسيمبلي مالي سال 2022-23 لاءِ 740 ارب 72 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا 53 سپليمنٽري ڊيمانڊ فنڊز جي منظوري ڏني جڏهن ته 141 ارب 20 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جا 26 اضافي ڊيمانڊ فنڊ پڻ منظور ڪيا ويا. بجيٽ جي منظوري دوران اپوزيشن طرفان واڪ آئوٽ ڪيو ويو، جڏهن ته حڪومتي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب کي مبارڪباد ڏني. حڪومت ٻه هفتا اڳ قومي اسيمبلي ۾ ٽيڪس سان ڀريل بجيٽ پيش ڪئي، جنهن تي مخالف ڌر جي پارٽين خاص ڪري پي ٽي آءِ ۽ اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان سخت تنقيد ڪئي وئي.  بجيٽ ۾ سڌي ريت ٽيڪسن ۾ 48 سيڪڙو ۽ اڻ سڌريل ٽيڪسن ۾ 35 سيڪڙو اضافو ڪندي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جو هدف ڏنو ويو آهي.  حڪومت طرفان فنانس بل ۾ مختلف ترميمون پيش ڪيون ويون، جن کي ايوان مان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر طرفان عمر ايوب خان، جنيد اڪبر خان، مبين عارف، علي محمد خان، اسلم گھمڻ، زرتاج گل، جي يو آءِ جي نور عالم خان سميت مخالف ڌر جي ميمبرن ترميم پيش ڪئي جنهن جي ناڻي واري وزير مخالفت ڪئي ۽ اڪثريت راءِ سان رد ڪئي وئي. پيپلز پارٽي جي ميمبرن شاهده رحماني، شگفته جماڻي ۽ اعجاز جکراڻي پاران پيش ڪيل ترميمون واپس وٺي ڇڏيون، جڏهن ته ناڻي واري وزير عبدالقادر پٽيل اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ميمبرن جي پگهارن ۽ الائونسز بابت ترميم جي بل ۾ شامل ڪيو. ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايوان کي ٻڌايو ته اسان کي حقيقت تي بحث ڪرڻ گهرجي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ڇا آهي، ڪرنسي مستحڪم آهي ۽ رهندي، سيڙپڪار واپس اچي رهيا آهن، خوراڪ جي مهانگائي گذريل مهيني 2 سيڪڙو تي هئي. هن چيو ته معيشت مستحڪم ٿي آهي، اسان ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي رهيا آهيون، ترقي ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن چيو ته ملڪ ۾ جي ڊي پي تي ٽيڪس جي شرح ساڍا 9 سيڪڙو رهي نه ٿي سگهي، اسان ان کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون ۽ جيڪي رليف جي ڳالهه ڪن ٿا، ان کي ساڍا 13 سيڪڙو تائين کڻڻو پوندو ڪرپشن ۽ چوري کي روڪڻو پوندو، ايف بي آر کي سڌارڻو پوندو، ان کي ڊجيٽل ڪرڻو پوندو. محمد اورنگزيب چيو ته اسان ترقياتي بجيٽ ايوان ۾ پيش ڪئي آهي، ڪمزور طبقن لاءِ ڪهڙي ڳالهه ڪئي وئي آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار، يوٽيلٽي اسٽورن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، ان کي اڳتي وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته جهڙي طرح پرائيويٽائيزيشن جي ڳالهه ٿي رهي آهي اهو ٻن کان ٽن سالن جو پلان آهي جنهن تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته جي ڊي پي تي ٽيڪس، رياستي ادارن ۾ سڌارا، توانائي، پاور سيڪٽر سڌارا به مجموعي طور هن بجيٽ جو حصو آهن ۽ اهي اسان جي مستقبل جي روڊ ميپ جو حصو آهن. فنانس بل ۾ چيو ويو ته پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي ليوي جي حد 60 مان وڌائي 70 رپيا في ليٽر ڪئي وئي، لائيٽ ڊيزل تي ليوي 50 کان 75 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز واپس ورتي وئي. فنانس بل ۾ چيو ويو ته لائيٽ ڊيزل آئل تي ليوي جي اپر حد 50 رپيا في ليٽر برقرار رهندي، هاءِ آڪٽين تي ليوي کي 50 رپيا 75 رپيا في ليٽر ڪرڻ جي تجويز به واپس ورتي وئي، آئل تي ليوي جي واڌ ڪئي وئي. هاءِ آڪٽين جو اگهه 50 رپيا في ليٽر مان وڌائي 70 رپيا ڪيو ويو. گاسليٽ تي ليوي 50 رپيا في ليٽر برقرار رهندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.