ڪي پي سرڪار چيف سيڪريٽري رکي نه سگهي، 590 ارب ڏنا سي ٽي ڊي ادارو ناهي ٺهيو:وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آخري اين ايف سي ايوارڊ 2010ع ۾ ٿيو هو ۽ چئني صوبن ان وقت جي وزيراعظم ۽ صدر سان گڏجي اين ايف سي  جي منظوري ڏني هئي، ان وقت دهشتگردي پنهنجي عروج تي هئي سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبا هئا پر ان وقت خيبرپختونخواهه جي فورسز فرنٽ لائن تي هيون.  هن چيو ته مان ان ۾ شريڪ هئس جيڪو يوسف رضا گيلاني جي قيادت ۾ ٿيو هو،  جيڪو اڄ تائين هلي رهيو آهي پر اسان کي اڄ به اعتراض ناهي ،  هن چيو ته 2010 کان وٺي خيبرپختونخواهه کي دهشتگرديءَ جي حوالي سان 590 ارب رپيا مليا آهن پر اڄ تائين اتي سي ٽي ڊي جو ادارو به قائم نه ٿي سگهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ هينئر تائين چيف سيڪريٽري جي مقرري نه ڪرڻ جو صوبائي حڪومت تي الزام هنيو آهي. شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه جي عوام دهشتگردي خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، هن چيو ته خيبرپختونخواهه وانگر ٻين صوبن به دهشتگردي کي منهن ڏنو، بلوچستان ۽ ٻين صوبن به وڏيون قربانيون ڏنيون پر کين ڪجهه نه مليو.هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جي چيف سيڪريٽري جي مقرري لاءِ 3 نالن تي ٻڌل پينل موڪليو ويو آهي پر ان جي مقرري بابت صوبائي حڪومت طرفان ڪو جواب ناهي ڏنو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.