آمريڪي ڪانگريس جي قراداد خلاف قومي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ منظور، مخالف ڌر جو احتجاج

اسلام آباد (م ڊ): قومي اسيمبلي آمريڪي ڪانگريس جي قراداد خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، سني اتحاد ڪائونسل ان  جي مخالفت ڪئي. آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءَ خلاف قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي چونڊن ۾ ڪروڙين پاڪستانين ووٽ ڏنو ۽ آمريڪي ٺهراءُ مڪمل طور حقيقتن تي ٻڌل ناهي.  متن موجب پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ آهي، پاڪستان پنهنجي اندروني معاملن ۾ مداخلت برداشت نه ڪندو. وڌيڪ چيو ويو ته آمريڪي ڪانگريس غزه ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏئي. ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته ايوان چاهي ٿو ته پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپا گڏيل احترام تي ٻڌل هجن. قومي اسيمبليءَ مان ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، پر سني اتحاد ڪائونسل ان جي مخالفت ڪندي ايوان ۾ زوردار نعرا هنيا. سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر پنهنجين سيٽن تي بيهي ”سائفر سائفر“ ۽ ”شيم شيم“ جا نعرا هنيا. سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ايوان ۾ اڇلائي ڇڏيون. ان کان اڳ بچاءَ واري وزير خواجا آصف  پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو ته مون چيو هو ته جيڪڏهن افغانستان مان دهشتگردي ٿيندي ته جواب ڏينداسين، عوام ۽ ملڪ جي تحفظ لاءِ اسان کي جواب ڏيڻ جو پورو حق آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.