ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ناظم آباد ۾ دڪانون سيل ڪرائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت دڪانن کي ڊي سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڏنو ته دڪاندار واڌو ڪرايو ڪنٽرولر وٽ جمع ڪرائن، درخواست گذار محمد ارشد ۽ ٻين چيو ته ڪي ايم سي پاران دڪانن جي ڪراين ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪراين ۾ واڌ ۽ بنا ڪنهن نوٽيس جي دڪان سيل ڪرائڻ غير قانوني عمل آهي.
- 
ايف آءِ اي کي پروسيسنگ ڪمپني تي ڇاپو نه هڻڻ جو حڪم
 
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انبن جي ايڪسپورٽ پروسيسنگ ڪمپني تي ايف آءِ جي ڇاپي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري، ايڊووڪيٽ ملڪ نعيم جاويد عدالت کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي جي سب انسپيڪٽر ارم ياسر ۽ ٻين آفيسرن 24 جون تي بنا نوٽيس جي ڇاپو هنيو. ايف آءِ اي کي اهو اختيار ناهي ته هو پرائيويٽ ڪمپني جي ڪارروائي تي ڇاپا هڻي، ايران ۽ ٻين ملڪن سان ڪمپني جا معاهدا ٿيل آهن، عدالت کي استدعا آهي ته ايف آءِ اي کي غيرقانوني ڪارروائين ۽ حراسان ڪرڻ کان روڪيو وڃي. عدالت ايف آءِ اي کي 29 آگسٽ تائين ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو. عدالت حڪم ڏنو ته پروسيسنگ ڪمپني تي ڇاپو نه لڳايو وڃي ۽ درخواستگذار کي هراسان ڪرڻ بند ڪيو وڃي.
- 
خيرپور ڀرسان اڻڄاتل گاڏي جي ٽڪر ۾ 2 ٽريفڪ اهلڪار فوت
 
خيرپور (س ر) شاهه حسين ٿاڻي جي حد خيرپور کان پير جو ڳوٺ لنڪ روڊ تي ٽريفڪ ڊيوٽي لاءِ مقرر ٻن پوليس اهلڪارن کي اڻڄاتل گاڏي ٽڪر هڻي موقعي تان فرار ٿي وئي، نتيجي ۾ هڪ ٽريفڪ پوليس اهلڪار فداحسين لاڙڪ موقعي تي فوت ٿي ويو،جڏهن ته ٻيو پوليس اهلڪار امتياز حسين ميتلو سخت زخمي ٿي پيو، واقعي جي اطلاع تي شاهه حسين ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي اهلڪار جو لاش ۽ زخمي پوليس اهلڪار کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو، جتان زخمي اهلڪار امتياز ميتلو کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته گمبٽ ڀرسان رستي ۾ هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، ٻنهي فوتي اهلڪارن جي جنازي نماز سندن ڳوٺ ڀرسان ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ايس ايس پي خيرپور سميت پوليس آفيسرن، سياسي، سماجي اڳواڻ واپارين شرڪت ڪئي، جنهن بعد مرحومين جون آخري رسمون سندن اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪيون ويون.02
- 
خيرپور ۾ ٻارڙي کي زخمي ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو
 
خيرپور (س ر ) خيرپور ڀرسان ڪنب ٿاڻي جي حد دستگير ڪالوني محمد آدم اڄڻ، خليل احمد اڄڻ، نجيب الله اڄڻ نديم ۽ ٻين ميڊيا اڳيان زخمي معصوم ٻارڙي 4 سالا زبيده کي هٿن ۾ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته نياڻي زبيده گهر ٻاهران دڪان تان شيءِ وٺڻ لاءِ گهران وڃي رهي هئي، دڪان ڀرسان جوابدارن مرتظي اڄڻ، خدا بخش اڄڻ ۽ ظهور اڄڻ جيڪي موٽر سائيڪل تي سوار هئا، اسان جي ننڍڙي کي موٽرسائيڪل جي ٽڪر هڻي فرار ٿي ويا زخمي ٻارڙي کي اسپتال داخل ڪرائي، فرسٽ ايڊ ڏياريو آهي، نينگري کي مٿي ۽ ڳٽي ٻانهن تي ڌڪن جا نشان آھن ۽ ٽاڪا لڳا آھن هنن چيو ته ظالمن اسان سان ناحق ڪيو آھي دشمني اسان سان آهي ته اسان کي مارين معصوم ڪهڙو گناهه ڪيو ، هن واقعي جي ڪنب ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي، هنن ايس ايس پي خيرپور کان انصاف جو مطالبو ڪيو.02