اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته پاڪستان ۾سيڙپڪاري ان لاءِ ناهي ٿي رهي ته هتي ايجنسيون عدليا تي دٻاءُ وجهي رهيون آهن، هن چيو ته وزيراعظم نوازشريف اعتراف ڪيو آهي ته بجيٽ آئي ايم ايف سان گڏجي ڪري ٺاهيو آهي، هن بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي رکيو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ فنانس بل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي عمر ايوب چيو ته بجيٽ عوام خلاف معاشي دهشتگردي آهي ۽ هن بجيٽ جو نشانو عوام آهي، حڪومتي بينچن تي ويٺل عوام جا قاتل آهن هو عوام جي قتل جو ذميوار آهن. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته هن بجيٽ مان ڪو به فائدو ناهي، هي عقل جا انڌا آهن هنن کي معيشيت بابت ڪا به ڄاڻ ناهي، شين جون قيمتون يا تيل قيمتون عارضي طور ڪجهه وقت لاءِ گهٽ ٿيون آهن، جيڪي هاڻي ٻيهر وڌي وينديون آهن، بجليءَ جي قيمت 70 رپين کان وڌي 85 رپيا ٿي ويندي. هن بجيٽ سان ڪو به اقتصادي گروهه نه ٿيندي، هي اينٽي انڊسٽري بجيٽ آهي ۽ اينٽي عوام بجيٽ آهي، اسان سموري بجيٽ کي رد ڪيون ٿا. عمر ايوب جو چوڻ هو ته محسن نقوي 400 ارب رپين جي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي، هاڻ ان ڪڻڪ کي ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي،هن چيو ته ڪابينا آهي يا سرڪس آهي، نيب ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ڪري . هن چيو ته ان لاءِ پاڪستان نه آهي ته هتي جي ايجنسين وڌيڪ ڪارائتي پاليسيون آهن، ميڊيا تي ٻڌل ايجنسين جي سرمائيداري لاءِ لاهيءَ ميڊيا کي آزاد ڪيو.ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پختونخواهه کي ان ڪري ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي ته اتي عوام تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو آهي. هن جو چوڻ هو ته فنانس بل ۾ ڪو به ڪفايت شعاري پلان نه رکيو ويو آهي، ان حڪومت ۾ سڀ کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگاري ٿيا آهن، هن چيو ته پي آءِ اي ۽ ڊسڪوز جي نجڪاري جي ڳالهه ٿي رهي آهي، انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ هي به ترميم ڪرڻ چاهين پيا. پي ٽي آءِ زرتاج گل چيو ته وزيراعظم نوازشريف اعتراف ڪيو آهي ته بجيٽ آئي ايم ايف سان گڏجي ڪري ٺاهيو آهي، هن بجيٽ ۾ عوام لاءِ ڪجهه به ناهي رکيو ويو.