اسلام آباد (م ڊ) : سپريم ڪورٽ متحده اڳواڻ مصطفي’ ڪمال ۽ سينيٽر فيصل واوڊا جي غير مشروط معافي قبول ڪري ورتي آهي، عدالت توهين عدالت جو نوٽيس به واپس وٺي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا ۽ مصطفي’ ڪمال ذاتي طور پيش ٿيا. مصطفي’ ڪمال جي وڪيل فروغ نسيم عدالت کي ٻڌايو ته مصطفي’ ڪمال غير مشروط معافي ورتي آهي. چيف جسٽس قاضي فائز فيصل واوڊا کان پڇيو ته ڇا توهان به معافي ورتي آهي ته هن ٻڌايو ته مون به معافي ورتي آهي. چيف جسٽس چيو ته ميڊيا مالڪن پاران هڪ به جواب جمع نه ڪرايو آهي. وڪيل فيصل صديقي چيو ته سڀني چينلز جا نمائندا موجود آهن. چيف جسٽس چيو ته ڪو ڪنهن کي چور ۽ ڌاڙيل چوي پر ميڊيا چوي ته اسان رڳو رپورٽنگ ڪئي آهي، ڇا اهو صحيح آهي؟ ڇا اهڙي آزاد ميڊيا جي اجازت هجڻ گهرجي يا نه؟ آزاد صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هو پاڻ توهين عدالت جي ڪارروائي تي يقين نه رکندا هئا. چيف جسٽس چيو ته جيڪي ڳالهيون ٻاروتڻ ۾ روڊن تي ٻڌيون وينديون هيون، اهي هاڻي ٽي وي چينلز تي ٻڌيون وڃن ٿيون. جسٽس عقيل چيو ته اهي ماڻهو ٽي وي چينلز تي ويهڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن، جن کي قانون جي ڪا به ڄاڻ نه آهي، ماڻهو اهڙا تبصرا ڪن ٿا، ڄڻ هنن 1600 فيصلا لکيا آهن، جيڪڏهن ڪو به نظام نه آهي ته پوءِ اهو ٺاهيو وڃي. جسٽس قاضي فائز وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪنهن جي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي، اسان ڇا ڪري سگهون پر معاشرو تباهه ٿي رهيو آهي، ميڊيا جي آزادي جو تمام گهڻو خيال رکون ٿا، عدالت ۾ رپورٽر ڪم ڪري رهيا آهن. سماج وڃي انهن کي ٻڌاءِ ته ائين ٿي رهيو آهي، هاڻي ڇا ٿيو جو هو فيصلي کان اڳ ئي تنقيد ڪرڻ لڳا، ڪي اهڙا به آهن، جن جو خيال آهي ته کين جج جي ڪرسي تي ويهڻ گهرجي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته رئوف حسن به توهين جهڙي نيوز ڪانفرنس ڪئي هئي، جنهن تي چيف جسٽس اٽارني جنرل کان پڇيو ته هي رئوف حسن ڪير آهي؟ اٽارني جنرل چيو ته رئوف حسن جو تعلق پي ٽي آءِ سان آهي، هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس بابت توهين جهڙا لفظ چيا هئا، جنهن کي هو ورجائڻ نٿو چاهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته هو پنهنجي باري ۾ ڪجهه ڪرڻ نٿا چاهين، منهنجي ماءُ چوندي هئي ته جيڪو چوندو آهي، سو ٿيندو آهي.