عزم استحڪام آپريشن جو غلط تاثر ورتو ويو:سڪيورٽي ذريعا

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن عزم استحڪام جو غلط تاثر ورتو ويو، آپريشن نه ٿيندو ۽ نه ئي  ڪنهن کي گهرن مان ڪڍيو ويندو.سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عزم استحڪام جي تحت دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ گهڻ رخي پاليسي جوڙي ويندي ۽ منشيات جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ دهشتگردن کي سزا ڏيڻ لاءِ موثر قانون سازي ڪئي ويندي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، دهشتگرد سان ڪي به ڳالهيون نه ٿيون ڪري سگهجن.سڪيورٽي ذريعن موجب اسمگلنگ ۽ منشيات جو پئسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي، ان جي روڪٿام ضروري آهي. سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته اسمگلنگ ۽ منشيات کي پرعزم انداز سان منهن ڏنو ويندو، امن جي ڊگهي مدي لاءِ موثر حڪمت عملي ضروري آهي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ نيشنل ايڪشن پلان جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو هو، جنهن ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن عزم استحڪام جي منظوري ڏني وئي هئي.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.