توهين قرآن جي نالي تي قتل ڪندڙ منشيات فروش نڪتا

سوات (  پ ر) مدين ۾ قرآن مجيد جي توهين جي نالي ۾ هڪ شخص کي قتل ڪندڙ ڏوهارين ۾ ٽي منشيات فروش نڪتا، پوليس ذريعن موجب ويڊيوز جي ذريعي ڏوهارين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي ، انهن ۾ 3 ڏوهاري منشيات فروش آهن، جن جو ريڪارڊ  پوليس وٽ موجود آهي، انهن ٽنهي مان هڪ ڏوهاري ائيس ۽ چرس وڪرو ڪندو آهي، اهي ٽئي منشيات فروش به  ان شخص جي قتل ۾ شامل آهن  جنهن کي ماڻهن قرآن مجيد جي توهين جي نالي تي قتل ڪيو هو ۽ بعد ۾  ان جي لاش کي باهه ڏئي ڇڏي هئي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.