سنڌ بجيٽ ۽ فنانس بل منظور، شين ۽ خدمتن تي ٽئڪس لاڳو، ڪٽوتيءَ جون رٿون رد، واڪ آئوٽ

ڪراچي (رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي 3 کرب رپين جي مالي سال 25-2024 جي بجيٽ ۽ 76 ارب رپين جو فنانس بل منظورڪري ورتو، مخالف ڌر جون 1200 کان  وڌيڪ ڪٽوتي واريون رٿون رد ٿي ويون، اپوزيشن ميمبرن مخالف ڌر سخت احتجاج ڪيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مخالف ڌر وزيراعليٰ هائوس جي تحفن، باغيچن سميت ٻين خرچن توڙي ٻين ادارن جي خرچن ۾ ڪٽوتي جون رٿون پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ملڪ آءِ ايم ايف جو قرضي آهي، هر شهري قرضي آهي، ان ڪري سرڪار کي پنهنجا خرچ گهٽائڻ گهرجن، مخالف ڌر جون سموريون رٿون قائد ايوان وڏي وزير مراد علي شاهه جي مخالفت ڪرڻ سبب ايوان رد ڪري ڇڏيون. ان بعد مالي سال 25-2024 جي بجيٽ منظور ڪئي وئي، جنهن ۾ 959 ارب رپيا ترقياتي خرچن لاءِ هوندا، صوبي جي ڪل آمدني مان 62 سيڪڙو وفاقي منتقلي جو هوندو، جڏهن ته صوبائي وصوليون 22 سيڪڙو هونديون. 22 ارب رپيا ڪرنٽ ڪيپٽل، 662 ارب رپيا صوبائي وصولين مان، 350 ارب رپيا سروسز تي سيلز ٽئڪس، 269 ارب رپيا جي ايس ٽي ۽42.9  ارب رپين جي صوبائي نان ٽئڪس وصولين جي منظوري ڏني وئي، 1.96 کرب رپين جو ڪرنٽ روينيو، 184 ارب رپين جو ڪرنٽ ڪيپيٽل منظور ڪيو ويو، ڪرنٽ ڪيپيٽل خرچن مان 42 ارب رپيا قرض ۽ ٻين ادائگين لاءِ منظور ڪيا ويا، ان سان گڏ 142 ارب رپيا سرڪاري سيڙپڪاري لاءِ به منظور ڪيا ويا. جڏهن ته 76 ارب رپين جي فنانس بل جي به ايوان مان منظوري ورتي وئي، جنهن تحت موجوده وصولين، ۽ ڊيوٽين ۾ اضافو ڪري ڪجهه نوان ٽئڪس متعارف ڪرايا ويا آهن، سنڌ جو نئون فنانس بل پهرين جولاءِ 2024 کان لاڳو ٿيندو، فنانس بل تحت اسٽمپ ڊيوٽي جي آرٽيڪل هڪ ۽ ٻه ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، ذاتي ملڪيت حاصل ڪرڻ تي ٻه هزار رپين تائين ڊيوٽي لڳائي ويندي، گاڏي ۽ جائيداد جي وڪري جي معاهدي تي هڪ هزار رپيا ڊيوٽي، فليٽ، دڪان جي بلڊر الاٽيز وچ ۾ معاهدي تي 5 هزار رپيا ڊيوٽي لڳندي، مقامي هوائي سفر تي 50 رپيا ۽ پرڏيهي سفر  تي 400 رپيا في ٽڪيٽ ڊيوٽي سنڌ حڪومت حاصل ڪندي، سنڌ حڪومت جي الاٽمنٽ آرڊر سند تي 5 هزار رپيا ڊيوٽي لاڳوڪئي وئي، ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي الاٽمنٽ تي ڊيوٽي لاڳو نه ٿيندي، پارٽنرشپ يا پارٽنرشپ ختم ڪرڻ تي به 5 هزار رپيا ڊيوٽي لڳندي، هيلٿ، لائف، فائر گڊر انشورسن تي ڊيوٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، پاور آف اٽارني تي ٽئڪس ۾ هڪ هزار  کان 7 هزار رپين تائين اضافو ڪيو ويو آهي. سنڌ سرڪار سنڌ موٽر وهيڪل آرڊيننس ۾ ترميم ڪئي آهي، جنهن تحت 3 هزار جي سي سي جي امپورٽڊ گاڏين تي ساڍا 4 هزار رپيا ٽئڪس، 2 هزار سي سي گاڏين تي پوڻا ٽي لک رپيا ٽئڪس لاڳو ٿيندي، مقامي طور تي تيار ٿيندڙ 2 هزار سي سي گاڏين تي 50 هزار ٽئڪس، 1500 سي سي گاڏين تي 25 هزار رپيا، پئٽرول پمپن، سي اين جي اسٽيشنز تي 20 هزار رپيا ٽئڪس، دڪانن، فيڪٽرين، اسٽيٽ ايجنسين تي 2 هزار رپيا ٽئڪس لاڳو ٿيندي، سنڌ صوبي ۾ سيلز ٽئڪس ۾ ترميم ڪري نئين ٽئڪس لاڳو ڪئي آهي، جنهن تحت ٽيلي مارڪيٽنگ، مارڪيٽنگ، آٽوموبائيل، موٽروهيڪل شاپس، ايجوڪيشنل سروسز تي به ٽئڪس لاڳو ٿيندي. فارم هائوسز، نجي تعليمي ادارن تي به سنڌ سيلز ٽئڪس لڳندي. اسپتالن، ڪنسلٽنٽ ڪليڪنس تي به ٽئڪس هوندي، ريزورٽ، هٽ، گيسٽ هائوسز ۽ لاجز تي به ٽئڪس لڳندي. گيمنگ زون، اسپورٽس جيالوجيڪل سروي تي به ٽئڪس لڳندي، سنڌ سيلز ٽئڪس جو شرح 13 مان وڌائي 15 سيڪڙُو ڪئي وئي آهي، بل تحت اي انوائس نه ڪندڙ تي 10 لک رپين تائين ڏنڊ لڳندو، ڀڃڪڙي ڪندڙن ڪاروباري ماڻهن جو ڪاروبار بند ڪيو ويندو،  اي انوائسنگ کان انڪار ڪرڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ ۽ هڪ سال سزا هوندي، خدمتن تي سنڌ سيلز ٽئڪس جمع نه ڪرائيندڙ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو، معاهدي تحت وفاقي ٽئڪس ادارا فائلرن جي ڊيٽا شيئر ڪندا، سنڌ سرڪار سنڌ انفرا اسٽڪچر سيس ۾ به اضافو ڪيو آهي،  سامونڊي جهاز جي انشورنس تي به 5 هزار رپيا سنڌ حڪومت وصول ڪندي. فنانس بل جي منظوري خلاف مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي سخت احتجاج ڪيو، ان دوران مخالف ڌر ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ۽ علامتي واڪ آئوٽ ڪيو، مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي احتجاج ڪندي چيو ته تڪڙ ۾ فنانس بل منظور نه ڪيو وڃي، نه ته اسان ڪارروائي جو حصو نه ٿينداسين، ان بعد مخالف ڌر ميمبر احتجاج ڪري ايوان مان نڪري ويا، فنانس بل جي منظوري بعد ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر وٽ ڪافي وقت هو پر هنن بل تي ڪي به اعتراض جمع نه ڪرايا. ان بعد اسپيڪر اويس قادر شاهه اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.