بلڙي شاهه ڪريم ۾ بي آءِ ايس پي انچارج جو ڏاڍ، مستحق عورت ۽ مڙس تي تشدد

بلڙي شاھ ڪريم(رپورٽ: الطاف حسين رند) بلڙي شاھ ڪريم ۾ ٽائون ڪميٽي ۾ هلندڙ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسط عورتن کي نه ملي سگهي، بي آءِ ايس پي انچارج نور محمد نھڙيو گارگند ڪري مستحق عورتن جي تذليل ڪرڻ لڳو، گذريل ڏينهن هڪ مستحق عورت کي گاريون ڏيڻ تان سندس مڙس پاران منع ڪئي ته پير نور محمد نھڙيو کيس بي آءِ ايس پي انتظاميا ۽ پوليس اهلڪارن کان هٿ پير ٻڌرائي تشدد ڪرايو، نوجوان دانهون ڪندو رهيو پر کيس مٿس ڪا به ڪهل نه آئي، متاثر نوجوان صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجي گهرواري جي سامهون مون تي نور محمد نهڙيو ۽ سندس پوليس اهلڪارن منهنجا هٿ پير ٻڌي تشدد ڪيو، دانهن باوجود ڪنهن هڪ به نه ٻڌي. جڏهن ته متاثر نوجوان جي گهرواري روئيندي ٻڌايو ته بسپ انچارج زبردستي مونکان ڪارڊ کسي مونکي گاريون ڏنيون، منهنجي مڙس گاريون نه ڏيڻ جو چيو ته هن مٿس تشدد ڪرايو، نوجوان دانهون ڪندي وزيراعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرمين کي اپيلون ڪندي چيو ته مونسان انصاف ڪيو وڃي.02

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.