ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ هائي ڪورٽ ۾ نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ خالد لنڊ ۽ ٻين طرفان حفاظتي ضمانت لاءِ پهچڻ دوران وڪيلن طرفان احتجاج وارو معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، وڪيل اعجاز احمد طرفان خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ پريڊي ٿاڻي تي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مين گيٽ تي احتجاج ڪري رهيا هئاسين، ان دوران خالد لنڊ، سندس پٽ شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ حفاظتي ضمانت ڪرائي پهتا، خالد لنڊ گاريون ۽ ڌمڪيون ڏنيون، شهباز لنڊ پنهنجا ماڻهو گهرائي انهن کي چيو ته گاڏي مان هٿيار ڪڍو ۽ وڪيلن کي انهن جي اوقات ڏيکاريو، درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته خالد سندس پٽ گاڏي جو دروازو کولي اسان کي هٿيار ڏيکاريا ويا، ۽ ڌمڪي ڏني وئي ته جيڪڏهن احتجاج ختم نه ڪيو ته جان کان ماري ڇڏينداسين، وڪيل ساٿي گڏ ٿي ويا ته خالد لنڊ وارا ڀڄي ويا، 15 کان 20 ماڻهو ساڻن گڏ هئا، خالد لنڊ ، شهباز، نور محمد لنڊ ۽ ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
-
خالد لنڊ ۽ سند س پٽن جي وڪيلن سان ڪيل بدتميزي جي مذمت ڪيان ٿو:وهاب منشي
حيدر آباد ( پ ر ) ضمانت ڪرائڻ هر شهري جو جمهوري حق آهي پر شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ جهڙي طرح ڪراچي جي باضمير ايڊووڪيٽ سمير زمان ، امير حسيب پنهور ، ايڊوو ڪيٽ رضوان لقمان پنهور۽ ٻين وڪيلن سان قاتل سردار خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نورمحمد لنڊ۽ انهن جي هٿياربندن وڪيلن کي مارڪٽ ڪري کين هراسان ڪيو ويو ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيان ڪيان ٿو ، اهڙن خيالن جو اظهار نوجوان ڪالم نويس ايدووڪيٽ عبدالوهاب منشي عوامي آواز ڪراچي کي خاص موقف ڏيندي چيوته مونکي سمجهه ۾ نٿو اچي ڪهڙي طرح شهيد نصراالله گڏاڻي جي قاتل خالد لنڊ ۽ سندس هٿياربند گارڊ کي ڪورٽ جي اندر گاڏي داخل ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ان تي هاءِ ڪورٽ بار ڪراچي جو صدر ۽ جنرل سيڪريٽري نوٽيس وٺن
-
نصر الله گڏاڻي ڪيس: خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ضمانت منظور
ڪراچي(رپورٽ: ماريا اسماعيل) سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پيپلزپارٽي ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي ضمانت منظور ڪرائي ورتي، ايم اين اي خالد لنڊ، ميرپورماٿيلو ٽائون چيئرمين نور محمد لنڊ ۽ شهباز لنڊ گرفتاري کان پهريان ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتا، جتي جوابدارن جي 15 ڏينهن لاءِ حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وئي. عدالت پاران ٽنهي جوابدارن کي 15 ڏينهن اندر ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت به ڪئي وئي، ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ذوالفقار خان تي ٻڌل ٻه رڪني بيچ ڪئي.