اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ٿي رهي آهي، جواب ڏيڻ اسان جو حق آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته مون ٻه ڏينهن پهريان چيو هو ته افغانستان مان اسانجي سرزمين تي دهشتگردي ايڪسپورٽ ٿي رهي آهي ۽ انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي دهشتگردن ٺڪاڻا موجود آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته اسان ٻئي ملڪ جيڪڏهن ڀائيراڻي لاڳاپن ۾ رهڻ چاهيون ٿا ته ان کان وڌيڪ سٺي ڪا ڳالهه ناهي. هن مخالف ڌر جي اڳواڻ اسد قيصر کي درخواست ڪئي ته انهي معاملي تي سياست نه ڪئي وڃي.