ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي شهر ۾ ڦرلٽ دوران مزاحمت تي شهرين کي قتل ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي، گلستان جوهر جي علائقي ۾ هڪ ٻيو شهري مارجي ويو.ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جي سڃاڻپ 27 ورهين جي نعمان طور ٿي آهي، جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڪورنگي نمبر 2 ۾ ڦر دوران زخمي نوجوان دم ڏئي ڇڏيو،پوليس جو چوڻ آهي ته 33 سالن جو رهواسي ذيشان پنهنجي ساٿين سان گڏ گهر جي دروازي تي ويٺو هو ته 2 موٽرسائيڪل سوار ڌاڙيل آيا ۽ موبائل فون ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. نوجوان جي مزاحمت تي ڌاڙيلن فائرنگ ڪري ڏني،