پ پ کي هائيبرڊ نظام مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: رضا رباني

ڪراچي ( رپورٽر)  پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن شهيد منور سهرورديءَ کي سندس 20 هين ورسيءَ جي موقعي تي ڀرپور  خراج عقيدت پيش ڪندي ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جو وچن ڪيو آهي. جمعي ڏينهن آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ شهيد منور سهرورديءَ جي ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي تسلسل، پارليامينٽ ۽ آئين جي بالادستي لاء پيپلز پارٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي پر پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، اسين جمهوريت کي برقرار رکڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو ساٿ ڏئي رهيا آهيون ۽ وفاقي حڪومت مان اميد ٿا ڪيون ته هو سنڌ کي فنڊ فراهم ڪندا. هن چيو ته جيڪڏهن منور سهروردي زندهه هجي ها ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو کي لياقت باغ جلسي کان پوءِ گاڏي مان ٻاهر نڪرڻ نه ڏئي ها. ان موقعي تي خطاب ڪندي رضا رباني چيو ته پيپلز پارٽيءَ کي هائيبرڊ نظام مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جيڪو ڪردار شهيد ڀٽي ادا ڪيو هو ته جيئن پارليامينٽ بااختيار ٿئي ۽ آئين جي بالادستي هجي. هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو نظريو اشرافيه ۽ سول ملٽري بيوروڪريسي خلاف جدوجهد ڪرڻ هيو جنهن لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وقار مهدي چيو ته شهيد منور سهروردي محترمه بينظير ڀٽو جو سچو سپاهي هو، جنهن ڪارڪنن سان هميشه رابطي ۾ رهي پارٽيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي سندس پارٽيءَ لاءِ ڏنل خدمتون ياد رکيون وينديون. تاج حيدر چيو ته اسين شهيد منور سهروردي کي ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. ورسي تقريب ۾ ميئر ڪراچي مرتضي وهاب، ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد، جاويد ناگوري سميت منور سهروردي جي فيملي شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.