آمريڪي ڪانگريس جو ٺهراءُ ۽ پاڪستان جو جوابي مذمتي ٺهراءُ

رپورٽن موجب پاڪستان آمريڪي ڪانگريس ۾ منظور ٿيل ٺهراءُ جو سخت نوٽيس وٺندي جوابي ڪارروائي ڪندي  ڪالهه ئي قومي اسيمبلي ۾ آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ خالف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو آهي. آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ جنهن ۾ پاڪستان اندر 2024ع ۾ٿيل چونڊن جي شفافيت تي اعتراض واريندي ان جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي تنهن جي رد عمل ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو هو ته آمريڪي ٺهراءُ جي جواب ۾ اسان به قومي اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪنداسين هن چيو ته اسان آمريڪي ٺهراءُ جو سخت نوٽيس ورتو آهي ۽ قومي اسيمبلي ۾ جوابي ٺهراءُ جو اهو مسودو اپوزيشن سان به شيئر ڪيو ويندو، اسان اندروني معاملن  ۾ مداخلت جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏينداسين. اسحاق ڊار ان موقعي تي مخالف ڌر سميت سڀني پارٽين کان آمريڪي ٺهراءُ خلاف گڏيل موقف اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. پر ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد جي ميمبرن جن ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبر شامل آهن تن ان پاڪستان جي ٺهراءُ جي مخالفت ڪري سڀني کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون.

آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ تي ڳالهائڻ ۽ بحث مباحثي جا ڪيترائي حوالا آهن ته ڪيترائي سوال به آهن پهريون سوال اهو آهي ته ڇا پاڪستان ۾ اها پهرين چونڊ آهي جنهن تي شفافيت جو سوال اٿيو آهي ۽ ٻيو   سوال اهو آهي ته ڇا آمريڪي ڪانگريس ايئن ڪڏهن پاڪستان اندر لڳل مارشلا لائن خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو آهي ته پوءِ  هن ڀيري ان کي اهڙي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي ضرورت ڇو پئي آهي. هتي جيڪڏهن آمريڪا جي ٻين ملڪن اندر مداخلت ۽ سامراجيت تي ڳالهائبو ته اها هڪ الڳ تاريخ هوندي. حقيقت  ته اها به آهي ته آمريڪا جو پاڪستان اندر جمهوريت جي مضبوطي ۾ ڪو خاص ڪردار ناهي رهيو. اڃان به هن جو جمهوريت خلاف هڪ انتهائي شرم جوڳو ڪردار رهيو آهي.جيڪڏهن آمريڪي ڪانگريس پاڪستان جي چونڊ جي نظام جي خلاف ڳالهائي سگهي ٿي ته اسان کي به جمهوري حق آهي ته آمريڪا جي سامراجي ۽ غير جمهوري ڪردار تي تنقيد ڪريون.

انهيءَ ۾ ڪو  شڪ ناهي ته پنهنجي ملڪ اندر نام نهاد جمهوري نظام آهي، هتي هر دور ۾ اسٽيبلشمينٽ جو راڄ رهيو آهي ۽ انهيءَ ۾  خود  آمريڪا جو تاريخي طور وڏو فيصلائتو  حصو رهيو آهي. اسان جي ملڪ اندر هميشه آمريڪا جي آشيرواد سان ئي مارشل لائون لڳنديون رهيون آهن ۽ ان جي منشا تحت ئي چونڊيل حڪومتن کي هلڻ ڏنو ويو آهي.

هتي اهو به سوال رکي سگهجي ٿو ته ايئن ته ناهي ته جڏهن کان پاڪستان چين سان سي پيڪ جو معاهدو ڪيو آهي تڏهن کان آمريڪا جا ان سان اختلاف وڌڻ لڳا آهن ۽ ڇا آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ کي ان پس مظر ۾ نه ٿو ڏسي سگهجي؟ جيڪڏهن اهو ٺهراءُ ان پس منظر ۾ آهي ته پوءِ
ان کي آمريڪا جي سياسي ۽ سامراجي مفاد طور ڏٺو ويندو.

هن آمريڪي ڪانگرس جي ٺهراءُ تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جيڪو ردعمل ڏيکاريو آهي تنهن حوالي سان به ڪافي سوال پيدا ٿين ٿا. اسحاق ڊار جيتوڻيڪ آمريڪي ڪانگريس جي ان ٺهراءُ کي ملڪي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو آهي ته پوءِ اهو به سوال ٿئي ٿو ته وزيراعظم شهباز شريف ڪجهه ڏينهن اڳ اهو جيڪو اعتراف ڪيو آهي ته وفاقي بجيٽ ۾ آءِ ايم ايف جي مشاورت به شامل آهي ته ڇا ان کي مداخلت نٿو سمجهي سگهجي يا مالي مفاد ۾ اها مداخلت قبول جوڳي آهي؟سو اهو ڪو پهريون موقعو ناهي جو آمريڪا پاڪستاني معاملن ۾ مداخلت ڪئي آهي. پاڪستان جي معاملن ۾ آمريڪا جي مداخلت جي ڊگهي تاريخ آهي. انهيءَ مداخلت جا ڪيترائي مثال ۽ ثبوت پيش ڪري سگهجن ٿا.

آمريڪي ڪانگريس واري ٺهراءُ تي اهو به ڏسڻو هو ته ڇا پي ٽي آءِ جيڪا بظاهر ملڪي معاملن ۾ آمريڪا جي مداخلت خلاف رهي آهي  ۽ آمريڪا جي غلامي نامنظور جا نعرا هڻندي رهي آهي سا مسلم ليگ(ن) جي حڪومت جي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي اعلانيل ٺهراءُ سان گڏ بيهندي يا آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ جي حمايت ڪندي؟ ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جي وزيراعظم عمران خان کي جڏهن پارليامينٽ مان بي اعتمادي جي تحريڪ ذريعي گهر ڀيڙو ڪيو ويو هو ته تڏهن عمران خان ان بي اعتمادي واري تحريڪ ۾ آمريڪا تي پٺڀرائي جو الزام لڳايو هو ۽ سائفر خط کي ثبوت طور عوامي جلسن ۾ پيش ڪيو هو پر هاڻي جڏهن آمريڪا سي پيڪ جي معاهدي سبب پاڪستان کان ناراض آهي ته ۽ هو اها ڪاوڙ آمريڪي ڪانگريس جي ٺهراءُ ذريعي ڪڍڻ چاهي ٿو ۽ ملڪي چونڊ  جي شفافيت تي سوال اٿاريو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي موقف جي حمايت ۾ آهي ته پي ٽي آءِ  ان جي حمايت ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان جي پيش ڪيل ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي آهي. سو ان لحاظ کان ڏسجي ته پي ٽي آءِ به پاڻ کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ ڳالهائي ته ٺيڪ آ مخالف هجي ته پوءِ انجي غلامي منظور ناهي.

پنهنجي ملڪ جي به ڏسجي ته اهڙِي ئي پاليسي رهي آهي پر اسان اصولي طور تي ان جا قائل آهيون ته هر ملڪ ۽ عوام توڙي هر مڪتبئه فڪر کي بنيادي آزادي ۽ خودمختيار هئڻ گهرجي. ڌرتي جي مٿاڇري تي رهندڙ ملڪن کي هڪٻئي سان احترام ۽ عالمي برادري واري ناتي سان رهڻ گهرجي پر آقا ۽ غلامي واري بيماري مان نڪرڻ گهرجي. آمريڪا بي شڪ سپر پاور ملڪ آهي.پر ان جو کيس ناجائز فائدو نه وٺڻ گهرجي پر ان طاقت کي سڀني ملڪن لاءِ  ڇپر ڇانو جو وسيلو بڻائڻ گهرجي نه ڪي هڪڙن خسيس سياسي ۽ سامراجي مفادن ڪري دنيا کي جنگين ۽ بارودن جي نذر ڪري ڇڏي.

هاڻي اهو به ڏسڻو آهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا جي خلاف پيش ٿيل ٺهراءُ جو ڪهڙو ٿو نتيجو نڪري. اسان جي خواهش هوندي ته آمريڪا کي به جمهوري روح مطابق پاڪستان جي ٺهراءُ جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي به گهرجي ته اهو اهڙو صاف شفاف چونڊ نظام قائم ڪري جو ڪنهن به ٻئي ملڪ کي ان ڏانهن آڱر کڻڻ جو موقعو نه ملي سگهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.