ڪراچي /حيدرآباد (نمائند وٽان)سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اونھاري جي برساتي سسٽم جو پھريون وسڪارو ٿيو, سخت گُھٽ ٻوسٽ گرمي دوران مٽي وارين تيز ھوائن سان برسات جو ڪٿي ھلڪو ته ڪٿي تيز وسڪارو ٿيو. ان ڏس ۾ گڏ ڪيل رپورٽن موجب، ڪراچي ٽنڊوالهيار، حيدرآباد، ٿرپارڪر، ڪنري، کپرو، کيبر ۽ ٻين شهرن ۾ وسڪاري بعد موسم خوشگوار ٿي وئي پر هلڪي برسات جو سلسلو بند ٿيڻ کانپوءِ گهٽ وارو ماحول رهيو، جڏهن ته شام ڌاري هوائون شروع ٿيڻ شرط ئي اڪثر علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي.